بنگلاديش جي ڌار ٿيڻ جو ازالو ڪرڻو آهي: صدر زرداري

لاهور (م ڊ) صدر آصف علي زرداري وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات دوران ڳالهائيندي واضح ڪيو آهي ته ڪنهن کي به پاڪستان ڏانهن ميري اک سان نه ڏسڻ ڏينداسين. صدر آصف زرداري سان وزيراعظم شهباز شريف گورنر هائوس لاهور ۾ اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي ۽ معاشي صورتحال ۽ پرڏيهي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.وزيراعظم صدر کي تازو ڪيل پرڏيهي دورن جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو، ملاقات ۾ گورنر پنجاب سليم حيدر خان ۽ قومي اسيمبلي اسپيڪر اياز صادق پڻ شرڪت ڪئي. صدر آصف زرداري چيو ته اسان کي گڏجي پاڪستان کي ترقيءَ جي رستي تي وٺي وڃڻو آهي، پاڪستان جون ڪاميابيون دنيا تسليم ڪري رهي آهي، ڪنهن کي پاڪستان ڏانهن ميري اک سان ڏسڻ جي اجازت نه ڏينداسين. پاڪستان جنگي ميدان ۾ هن صدي جي نئين تاريخ رقم ڪئي، پاڪستان هڪ پُرامن ملڪ آهي، اسان ڀارت سان جنگ نٿا چاهيون، جيڪڏهن ٻيهر جنگ مڙهي وئي ته ان کان وڌيڪ ۽ وڏا سرپرائز ڏينداسين.  وزيراعظم شهباز شريف چيو ته دوست ملڪن جا دورا تمام ڪامياب رهيا، پاڪستان هميشه امن جو پيغام ڏنو آهي، پاڪ فوج جي بهادريءَ سبب هاڻ ڪو به پاڪستان ڏانهن بڇڙي نگاهه سان نٿو ڏسي سگهي. وزيراعظم جو وڌيڪ چوڻ هو ته دنيا پاڪستان جي جنگي صلاحيتن کي مڃي چڪي آهي، عالمي سطح تي پاڪستان جي موقف جي حمايت ئي اسان جي اصل ڪاميابي آهي، پاڪستان، چين، ترڪيه، ۽ آذربائيجان جي دوستي هڪ نئين دور جو آغاز آهي، سفارتي وفد ڀارت جي ڪوڙن دعوائن جو جواب دنيا آڏو پيش ڪري. صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ بنگلاديش کي ويجهو آڻڻ لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. پي سي بي چيئرمين محسن نقوي پاران پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيمن جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو. ان موقعي تي محسن نقوي، صدر آصف علي زرداري سان رانديگرن جو تعارف ڪرايو. صدر آصف علي زرداري چيو ته تازي سيريز ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪارڪردگي سٺي رهي، جڏهن ته بنگلاديش جي ٽيم به اعليٰ معيار جي راند پيش ڪري رهي آهي. هن تاريخي حوالو ڏيندي چيو ته مان انهيءَ نسل مان آهيان، جنهن ٻنهي ملڪن کي الڳ ٿيندي ڏٺو، جڏهن ته اڄ جو نسل ان جدائي جي تڪليف کي سمجهي نٿي سگهي، هاڻ اسان کي ان ڏک جو ازالو ڪرڻو آهي، بنگالي قوم هن خطي جي امير ترين قومن مان هڪ هئي. صدر چيو ته پاڪستان ۽ بنگلاديش کي ويجهو آڻڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، ٻنهي ملڪن جي عوام جي ڀلائي لاءِ گڏيل قدم کڻڻا پوندا ته جيئن خوشحالي آڻي سگهجي. سندس چوڻ هو ته بنگلاديش کي اڄ دنيا هڪ ڪامياب ملڪ طور سڃاڻي ٿي، الله پاڪ پاڪستان ۽ بنگلاديش کي وسيلن سان نوازيو آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سهڪار جا وڏا موقعا موجود آهن. آصف علي زرداري چيو ته ٻنهي ملڪن جي نوجوان نسل کي گڏيل رابطن کي وڌائڻ جي ضرورت آهي ۽ راند اهڙن رابطن جو هڪ اهم ذريعو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.