ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف سنڌي هاري تحريڪ جا مظاهرا

وارهه/ميرپورخاص (نمائندا)سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي وارهه ۾ ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪينالن جي اڏاوت خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي  ريلي کي خطاب ڪندي  ڪامريڊ غلام مصطفيٰ چانڊيو، امداد پٺاڻ، نوريز چانڊيو، عبدالنبي بروهي، محسن اياز، حميد انقلابي،آفتاب همت، ستار ٻرڙو، حامد چانڊيو ۽ ٻين چيو ته سنڌو درياءُ سنڌي قوم لاءِ  ساهه جي رڳ جيان آهي سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين  ڪمپني کي ڏني پئي وڃي، هوڏانهن سنڌي ھاري تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ پاران ميرپورخاص پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن نورمحمد ڪاتيار، ڊاڪٽر دلدار لغاري، وڪيل عبدالغفار ناريجو، واجد لغاري ۽ ٻين چيو ته پنجاب سنڌ سان هميشا ويساھ گهاتي ڪندي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هنيو آهي هن وقت به سنڌ جي حصي جو پاڻي مڪمل طور فراهم نه پيو ڪيو وڃي پنجاب پاران سنڌو ۽ سنڌين جي پاڻي جي حق تي ڌاڙو هڻڻ جي نتيجي ۾ پوري سنڌ جي زراعت تباھ ٿي چڪي آهي سمنڊ ۾ پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ سبب سمنڊ سنڌ جي زمين ڳڙڪائي رهيو آهي ميرپورخاص، عمرڪوٽ ۽ سانگهڙ ضلعا ڦٽين جي پيداوار ۾ مشهور آهن پر پاڻي نه هئڻ سبب انهن ضلعن ۾ 30 سيڪڙو ڦٽيون به نه پوکجي سگهيون آهن

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.