پيٽرول پمپن تي ماپ ۾ فراڊ، لاڳاپيل ادارا بي خبر يا ڀاڱي ڀائيوار ؟

تحرير: دوست حفيظ چنا

عمومي طور سڄو پاڪستان ۽ خصوصي طور  پاڪستان جو سڀ کان وڏو شهر ۽ معاشي مرڪز ڪراچي ھونئن ته مختلف مسئلن ۾ مبتلا آهي. شھر جي ٽٽل ڦٽل  روڊن رستن ۽ ٽريفڪ جي خراب ترين صورتحال، ڪرپشن، بدامني، اسمگلنگ، وغيرہ کي سڄو ڏينھن ڪراچي جا شھري منھن ڏين پيا، مهانگائي ۽ ڪرپشن سبب سڌو سنئون عام ماڻھو متاثر آھي.

انھن سمورن مسئلن سان گڏوگڏ ھڪ اهم پر گهٽ توجهه ٿيل مسئلو،  جنھن وسيلي عوام جي اکين ۾ مٽي وجھي جديد انداز سان فراڊ ڪري روزانا سندن کيسو ڪٽيو پيو وڃي ۽ روزانه بنياد تي صرف ڪراچي ۾ لکين روپين جي ان جعلسازي وسيلي عوام کي لٽيو ڦريو پيو وڃي. اھو مسئلو آھي پيٽرول پمپن تي ماپ جي جعلسازي يا فراڊ.  هي فراڊ روزانو عوام کي خاموشيءَ سان لکين رپين جو نقصان پهچائي رھيو آھي، ۽ هن عمل ۾ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال خطرناڪ حد تائين وڌي ويو آهي.

پيٽرول پمپن تي ٺڳيءَ جو سڀ کان عام طريقو پيٽرول جي گهٽ ماپ آهي. اهو لڳندو آھي ته گاڏي ۾ گهربل مقدار ۾ تيل ڀريو پيو وڃي، پر حقيقت ۾ اهو مقدار پورو ناھي ھوندو، مشين تي ڏيکاريل مقدار ۽ رقم کي چالاڪي سان ھڪ جديد ڊوائيس ذريعي جنھن کي رموٽ وسيلي ڪنٽرول ڪيو ٿو وڃي ان سان مقدار ۽ رقم کي تبديل ڪيو وڃي ٿو، ان ڪڌي ڪم ۾ پيٽرول پمپن جا مالڪ ۽ نگراني ڪندڙ سرڪاري ادارا سڌو سنئون ملوث آھن.ان فراڊ ۾ ماپ ۽ معيار  (ڪوالٽي ڪنٽرول) ۽ ماپ ۽ تور (ويٽ اينڊ مئيرمنٽ) جي نگراني ڪندڙ سرڪاري ادارن جو به ملوث ھئڻ جون به شڪايتون آھن.

 هن فراڊ کي سر انجام ڏيڻ لاءِ خاص اليڪٽرانڪ ڊوائيس، جنھن کي عام طور تي چپ يا ريموٽ ڪنٽرول ڊوائيس سڏيو ويندو آهي، ڪراچي جي ڪافي پمپن تي نصب ٿي چڪو آھي. ان ڊوائيس ذريعي مشين جي اصل ڪيليبريشن (ماپ) کي تبديل ڪري گهٽ مقدار کي وڌيڪ ظاھر ڪري عوام کي روزانو لکين روپين جو چونو لڳايو پيو وڃي. ان ريموٽ ڪنٽرول ذريعي  مقدار کي گهٽائي يا وڌائي سگهجي ٿو، يعني ماپ ۽ معيار کي جاچڻ وارو ڪمپني جو (ڪوالٽي ڪنٽرول) يونٽ يا ماپ ۽ تور (ويٽ اينڊ مئيرمنٽ) جو سرڪاري ادارو اچي ٿو ته يونٽ کي رموٽ وسيلي ڪنٽرول ڪري مقدار پورو ڪيو ٿو وڃي ۽ انھن جي واپس وڃڻ سان ٻيھر رموٽ وسيلي مقدار کي گھٽايو وڃي ٿو، ٻيو ته ان ۾ نگراني ڪندڙ لاڳاپيل ادارن جي ملوث ھئڻ جون شڪايتون پڻ آھن، ڪراچي ۾ ھن قسم جو  فراڊ ڏينھون ڏينھن زور پڪڙيندو ٿو وڃي.

پمپن تي ماپ ۾ ھيراڦيري جا ڪجھه عام طريقا،  ميٽر ۾ ھيرا ڦيري (ٽيمپرنگ) پيٽرول يونٽ مشين جي اندروني نظامن کي تبديل  ڪري صارف (ڪسٽمر) کي پيٽرول جو گھٽ مقدار مھيا ڪيو پيو وڃي.گهٽ پريشر (دٻاءُ) سان پيٽرول وجھڻ يعني نوزل ​​جي رفتار کي ڪنٽرول ڪندي ڪسٽمر جي اکين کي ٺڳڻ. مصنوعي ڪيليبريشن مشين جي سينسرز ۽ سافٽ ويئر کي تبديل ڪرڻ. پر اڄ ڪلهھ جيڪو عام فراڊ ٿي رهيو آھي سو اھو آھي ته مخصوص بٽڻ يا ريموٽ جنهن ذريعي ضرورت پوڻ تي مقدار کي گهٽ ۽ وڌ ڪري سگھبو آهي.

گراهڪن لاءِ  احتياط ، تيل ڀرڻ کان اڳ هميشه مشين کي ٻڙي تي يعني زيرو ڪرايو. ڪڏهن ڪڏهن صرف هڪ ليٽر وجھو ته اندازو لڳايو ته مقدار صحيح آهي يا نه.  تيل ڀرڻ کان پوءِ رسيد وٺڻ نه وساريو، اهو شڪايت جي ثبوت طور ڪارآمد ٿي سگهي ٿي. بھتر معيار وارين ڪمپنين جي پمپن جي چونڊ ڪريو ڇو ته انھن وٽ ڪنھن حد تائين بهتر نگراني جو نظام ھوندو آهي. جيڪڏهن شڪ هجي ته فوري طور تي اوگرا، ويٽ اينڊ مئيرمنٽ يا ضلعي انتظاميا کي شڪايت درج ڪرايو.

لاڳاپيل نگراني ڪندڙ ادارن جون ذميواريون ۽ ناڪاميون:  جيتوڻيڪ اوگرا، ويٽ اينڊ مئيرمنٽ ۽ ٻيون ايجنسيون وقت بوقت چڪاس ڪنديون آهن، پر گهڻو ڪري اهي ڪارروايون صرف رسمي هونديون آهن.

ڇو ته نگراني ڪندڙ ادارا به ان جعلسازي / فراڊ ۾ ڀاڱي ڀائيوار آھن.ڪيترائي غير قانوني پمپ طاقتور، سياسي يا ڪاروباري حلقن جي پٺڀرائي سان يا انھن ادارن سان ڏي وٺ ذريعي ڪارروائين کان بچي وڃن ٿا موجوده نظام ۾ شفافيت ۽ مسلسل نگراني جي سخت ضرورت آهي. خاص ڪري ڪراچي جهڙي وڏي شهر ۾ جتي هر شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال وڌي رهيو آهي ۽ اھا خوشي جھڙي ڳالهھ آھي پر اهو افسوسناڪ به آهي ته ساڳي ٽيڪنالاجي عوام کي دوکو ڏيڻ لاءِ استعمال ڪئي پئي وڃي. وزن ۽ ماپ ۾  جعلسازي نه رڳو هڪ معاشي جرم آهي، پر اهو عوام جي اعتماد کي به نقصان پهچائيندو آهي. ان جو علاج صرف تڏهن ٿي سگهي ٿو جڏهن حڪومت، صارف (ڪسٽمر) ۽ لاڳاپيل ادارا شفافيت سان گڏجي سخت قانوني ڪارروائي ڪن ۽ پيٽرول پمپن کي تالا ھڻي، مجرمن کي  جوابدار بڻائين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.