منهنجي حبيب، منهنجي طبيب ۽منهنجي ڀيڻ ڊاڪٽر خالده سانگي

تحرير: ساڀيان سانگي

مرڪڻي ، خاموش،پُر اُميد ، شڪايتن ۽ ڏوراپن کان ڪوهين ڏور ، صابرين ، ھر حال ۾شُڪر ڪندڙ ،ماءُ، پيءُ ، ڀيڻ، دوست ۽ همراز جي سڀني صفتن جي مالڪ ، هڪ مڪمل انسان منهنجي وڏي ڀيڻ ڊاڪٽر خالد! نوڙت ۽  نيازمندي جو سراپا مجسم ، پيار ئي پيار ڏيندڙ ، همدرد ۽ هڏڏوکي. چوويهه ڪلاڪ پاڻ کي آن ڊيوٽي رکندڙ.فون کي ڪڏهن به سائلينٽ يا ايروپلين موڊ تي نه رکندي ، پنهنجي آرام ۾خلل تي اعتراض نه ڪندي…هر وقت حاضر، هر جاءِ سڏ ۾ سڏ، نه رڳو پنهنجن سان پر پراون سان به مُرڪي وڏي دل سان ملڻ واري.تتي ٿڌيءَ ۾ سَڀني سان گڏ،ڪنھن کي جواب ڏيڻ ، انڪار ڪرڻ، منھن گھنجائڻ ته سندس سرشت ۾ ئي موجود ناهي، حساب ڪتاب، ليکو چوکو سندس شيوو ئي ناهي رهيو.اولاد ،ڀاءُ ڀيڻ ، مٽ مائٽ ،نوڪر چاڪر ،پاڙو اوڙو توڙي پنهنجا ڳوٺائي، يا اڻ ڏٺا ڳوٺائي، هر ڪنهن جي دوا ۽  دُعا بنجندڙ ، هر ڪنهن جي سهيلي، ساٿياڻي، دوست، ڏک سک جي ڀاڱي ڀائيوار ، هڪ سونهو هڪ سوجهرو. هِڪَ آٿت، هِڪَ اُميد ۽ اُها گهاٽي وڻ جي ڇانوَ، جنھن جي ٿڌڪار ۾ڪيترا ئي ساھ پنهنجو آجپو محسوس ڪن ٿا.هوءَ ماءُ جو درجو رکندڙ منھنجي ڀيڻ.آهي ته رڳو ٽي چار سال وڏي پر سڏيانس ٿي باجي،ننڍپڻ ۾ ته سندس نالو کڻندي هيس، پوءِ الائي ڪيئن ھوءَ باجي بڻجي ويئي.باجي مونا، ڊاڪٽر خالده سانگي جيڪا نالي جي نه پر سچي پچي مسيحا آهي.

ھوءَ منھنجي حبيب به آھي ته منھنجو طبيب به اھا ئي آهي. دل جو به هر آزار هن جي ئي ساٿ سان پرڀرو ٿي ٽري ويندو آهي، چاهي اُهو جسماني هجي يا روحاني سب درد دور ٿي ويندا هِن. ڀيڻ دوست ماءُ پيءُ هِڪَ ئي وقت هر رشتي جو نڀاءُ ۽  تقدس هن ۾ موجود آهي ، زندگيءَ جو ھر حوالو هُن بنا اڌورو آهي ته هُن جهڙي شخصيت منهنجي ڀيڻ آهي، اُن جو قرب حاصل آهي ، پوءِ مان رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو شُڪر ادا ڪنديس ؟هو ڪنھن وقت ۾ سنڌو سانگي جي نالي سان لکندي به ھئي ته ڇپبي به ھئي پر هاڻي بس سٺو پڙهي ٿي.  هِڪَ بهترين پڙهندڙ آهي ۽ مسلسل پڙهندڙ آهي ۽ منهنجو اتساهه آهي ادبي دُنيا ۾ وِک رکرائڻ واري هيءَ ئي منهنجي محسن آهي، جنھن مونکي اُٿاريو، بيهاريو، تاريو ۽  پنهنجي پيرن تي بيهڻ سيکاريو ۽  دنيا سان وري منهنجو تعارف ڪرايو…اسان ٻئي ننڍپڻ جون ساٿياڻيون آهيون، پنهنجي ڳالهين تي الائي ڪيڏو لکان… هزارين ڳالهيون آهن،

عمرين تي پنهنجا حسين عڪس چٽيندي رهي ۽ اسان ٻئي به وقت جي هٿ چڙهندا رهياسين  پر مصروفيتون واري جي گهرن جيئن اسان جي ساٿ اڳيان ڪڏهن به بيھي نه سگهيون ، ٻه ٽي سال اڳ ايئن ئي سندس گھر ۾ شام جي چانھه اسان وري به بيڊ تي ويھي پيئڻ لڳاسين ، ساڄي کان باجي کاٻي کان مان وِچَ ۾ سندس ميڊيڪل جو ڪو ڪتاب. مُون ڪجهھ چوڻ چاهيو ، چيائين: خاموشي سان چانهھ پي ، نه ته ٻيو ڪپ به پيڻو پوندءِ.چانھه پي مُون کيس چيو : "ملون ته روز ٿا، پر ڪيڏا زمانا ٿيا آهن جو پنهنجي ملاقات ئي نه ٿي ٿئي "تُنهنجي ڳالهه ٻڌي لاجواب ٿي وئي ۽ سندس سهڻين اکين جون روشنيون لهرون ٿي  لڏڻ لڳيون، ان وقتايئن لڳو ڄڻ اُنھن ۾ مُنهنجي دل جي ٻيڙي ٻڏي ويندي… پوءِ پنھنجي مخصوص مرڪ سان حيرانگي مان چيائين،”الا! واقعي به” ۽ پوءِ مون کان به ھڪ شعر لکجي ويو

پاڻ سان ڀي ڪجن ملاقاتون ،

ڪي هوائن ۾ آرسيون پوکيون…

سو اڄ اُهو ڀلارو ڀاڳن ڀريو ڏينھن آهي، جنھن ۾ ھوءَ جنم وٺي نه رڳو ابي امڙ لاءِ رحمت بڻجي آئي پر دُنيا جي هر ساھ واري ۽ بي ساهي لاءِ هڪ مخلص مسيحا بڻجي آئي آهي  سڀني وصفين سھڻي مونا، سنڌو ، خالده مُنهنجي ڀيڻ جيجي!توکي جنم ڏينھن مبارڪ

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.