حيدرآباد(پ ر)جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين ۽ جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي جي ڪنوينر نواز خان زئور چيو آهي ته موري واقعي جي عدالتي جاچ ڪئي وڃي ۽ ڌرڻي تي فائرنگ ڪري ٻن نوجوانن کي شهيد ڪرڻ ۾ ملوث جوابدارن تي ڪيس داخل ڪري ڳوٺاڻن کي انصاف مهيا ڪيو وڃي.جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته سنڌو درياھ جي مالڪيءَ ۽ بچاءَ لاءِ جدوجهد کي روڪڻ لاءِ تشدد جي سازش سٽي وئي، جنهن ۾ پ پ حڪومت ملوث آهي. هن چيو ته ڪئنالن خلاف پرامن سياسي جدوجهد ڪئي ويندي. ڊيم درياھن جي تباهي جون رٿائون آهن، جيڪي هر صورت ۾ ختم ٿيڻ گهرجن. ڊيمن ٺاهڻ بدران درياھن جو فطري نظام ۽ ڇوڙ کي بحال ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڊيمن توڙي ڪئنالن جون رٿائون ختم ڪيون وڃن.