ايئر فورس سربراهه جي جوڙيل سائبر ڪمانڊ 10 مئي تي ڪارآمد ثابت ٿي

  • اسلام آباد(حماد حسن)پاڪستان کي ڀارت خلاف جنگ ۾ ڇو فتح ٿي ان سوال تي غور ڪنداسين تھ جڏھن ظھير بابر سڌو پنھنجي بطور ايئر چيف چارج ورتي تھ ھو غير روايتي ايئر چيف ھيو.ان کان اڳ جيڪي ايئرچيف ٿيندا ھئا تھ سندن واسطو ايف سڪسٽين سان ھوندو ھئو جيڪو اپر ڪلاس سمجھيو وڃي ٿو، ھي ٻئي ڪلاس مان آيو ۽ غير معمولي ذھانت ۽ تخليق تي رکندڙ ماڻھو آھي.ھن اچڻ سان سڀني برانچز لاءِ دروازا کولي ڇڏيا ۽ ميرٽ کي بنياد رکيو.ٻيو ھن سائبر ليول کي بھتر بنائڻ جي لاءِ ڪوششون ورتيون تھ جيئن ڊجيٽل دور ۾ سائبر ليول بھتر ھجي.ان جي مخالفت بھ ٿي تھ ان لاءِ وڏي فنڊنگ کپي پر ھن ھمت نھ ھاري. ان  بعد نائيجيريا سان جي ايف سيونٽين ٿنڊر جو سودو ٿيو ڪجھھ جھاز انھن کي وڪرو ڪيا ويا، ڪجھھ ٻين ملڪن کي وڪرو ڪيا ويا. ڪجھھ ٻيا اوزار  بھ وڪرو ڪيا.انھن پيسن سان ھڪ وڏي سائبر ڪمانڊ جوڙي وئي.اھائي ڪمانڊ 10 مئي تي ڪارآمد ثابت ٿي.عسڪري قيادت جا 150 کن اھم ماڻھو ھڪ ھنڌ ويھي اسڪرين تي اھو سڀ ڪجھھ جنگ دوران ٿيندي ڏسي رھيا ھيا.جھازن جون اڏامون ڏسي رھيا ھيا. سو اھو سڀ سائبر ڪمانڊ جو ڪمال ھيو.پوءِ پاڪستاني پائلٽن انھن جھازن جو جنازو ڪڍي ڇڏيو.ان جي ڪري اھو ڪريڊٽ ايئرچيف کي وڃي ٿو رافيل کي جنھن پي ايل ففٽين ميزائل سان نشانو بڻايو ويو

     

  • مورو واقعي جو پنجون ڪيس به داخل

مورو(عوامي آواز نيوز)مورو ٿاڻي تي ميرڻ خان سولنگي جي فرياد تي مورو قومي شاھراھ واقعي جو پنجون ڪيس داخل ڪيو ويو، 8 سڃاتل جن ۾ ناشاد لغاري، علي خان لغاري، غلام مصطفيٰ عرف مصطي، محرم لغاري، مريد عرف سرڪش لغاري، منور ۽ ساجن لغاري شامل آھن. فريادي ڄاڻايو آھي ته قومي شاھراھ تي شرپسندن اچي روڊ بند ڪيو ۽ سڌي فائرنگ ڪري ڀڃ ڊاھ ڪئي نقصان پھچايو ۽ جوابدار ناشاد خون ڪرڻ جي ارادي سان منھنجي ڀاءُ ولي محمد خان سولنگي تي پنھنجي رائيفل جو سڌو فائر ھنيو جيڪو هن جي پيٽ ۾ لڳو ۽ هو ڪري پيو ۽ خوف حراس پکڙجي ويو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.