پاڪستان جي انتظام هيٺ ڪشمير ۾ ھڪ مقابلي ۾ چئن شدت پسندن جي مارجڻ بعد ميڊيا ۾ اھي خبرون پکڙجي رھيون آھن تھ انھن جو تعلق تحريڪ طالبان پاڪستان سان ھو.ھي پھريون ڀيرو آھي جو ڪشمير ۾ ٽي ٽي پي، جي موجودگيءَ جو ذڪر ٿي رھيو آھي.ڪشمير پوليس جي دعويٰ ڪئي آهي ته تازو راولاڪوٽ ضلعي ۾ ٻيلي ۾ ھڪ پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل چئن شدت پسندن ۾ ڪشمير ۾ تحريڪ طالبان پاڪستان جو سربراهه به شامل آهي.پوليس مارجي ويل مان ھڪ جي سڃاڻپ ٽي ٽي پي سربراهه زرنوش نسيم جي نالي سان ڪئي آهي. ٻين مارجي ويلن ۾زرنوش نسيم جو ننڍو ڀاءُ جبران نسيم ۽ پنجاب جي منڊي بهاءُ الدين ضلعي جو الفت علي شامل آهن، جڏهن ته چوٿين شخص جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي.مقابلي ۾ ٻه پوليس اهلڪار به مارجي ويا.
بي بي سي اردو سان ڳالهائيندي، زرنوش ۽ جبران جي پيءُ محمد نسيم الزام لڳايو آهي ته سندس پٽن تي ڪجهه وقت کان پوليس دٻاءُ وجهي رهي هئي، جنهن جي ڪري اهي روپوش هئا. هن چيو ته هو انصاف لاءِ آخري حد تائين ويندو.مارجي ويل ٻنھي ڀائرن جي جنازي نماز خميس (29 مئي) تي باغ ضلعي ۾ سندن آباڻي علائقي ۾ ادا ڪئي وئي. جنازي نماز دوران احتجاج ڪندي واقعي جي عدالتي جاچ جو مطالبو ڪيو ويو. بي بي سي اردو سان ڳالهائيندي، ڪشمير حڪومت جي ترجمان چيو ته واقعو مڪمل طور تي شفاف آهي، مائٽن کي ڪو شڪ آهي ته ان تي وڌيڪ جاچ ڪري سگهجي ٿي.
ايس ايس پي راولاڪوٽ رياض مغل موجب ڪشمير پوليس عرصي کان مبينا شدت پسندن جو پيڇو ڪري رهي هئي.رياض مغل موجب، پوليس کي اطلاع مليو هو ته زرنوش نسيم ۽ سندس گروپ ڪشمير ۾ دهشتگردي جي ڪارروائي جو ارادو ڪري رهيا آهن، جنهن تي پوليس هاءِ الرٽ هئي.ايس ايس پي دعويٰ ڪئي ته 28 مئي (اربع) تي، اطلاع مليو ته جوابدار راولاڪوٽ جي ويجهو جھنگ ۾ هڪ غار ۾ لڪيل آهن، جنهن کانپوءِ ان جو گهيري ڪيو ويو،.غار تي ڇاپو هنيو ويو ۽ جوابدارن کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو چتاءُ ڏنو ويو. ان دوران پوليس پارٽي تي ھينڊ گرنيڊ اڇلايو ويو. جنھن ۾ هڪ پوليس اهلڪار مارجي ويو جڏهن ته ٻيوزخمي ٿيڻ بعد اسپتال پهچڻ تي فوت ٿيو. ان دوران جوابدارن پوليس تي فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ ڪيترائي آفيسر زخمي ٿيا ۽ جوابي فائرنگ ۾ غار ۾ موجود چئن جوابدارن کي ماريو ويو.
ڪارروائي کان پوءِ، ڪشمير جي انسپيڪٽر جنرل رانا عبدالجبار، جمعي جي صبح پريس ڪانفرنس ۾ دعويٰ ڪئي ته مارجي ويل جوابدار زرنوش نسيم جا افغانستان ۾ قائم شدت پسند تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) سان رابطا هئا ۽ ڪشمير ۾ انهن لاءِ ٺڪاڻا ٺاھڻ چاھيا پئي.
رانا عبدالجبار دعويٰ ڪئي ته پوليس کي معلومات ملي رهي هئي ته زرنوش نسيم ۽ سندس گروپ ڊاڪٽر رئوف نالي هڪ شخص ۽ افغانستان ۾ رهندڙ غازي شهزاد نالي هڪ شخص سان رابطي ۾ آهن.ياد رکڻ گهرجي ته غازي شهزاد نالي هڪ شخص پڻ گذريل سال راولاڪوٽ جيل مان فرار ٿيندڙن ۾ شامل هو ۽ جنھن خلاف سنگين ڪيس داخل هئا. غازي شهزاد ڪشمير کان افغانستان ڀڄي ويو هو ۽ ٽي ٽي پي جو حصو بڻجي ويو هو، جڏهن ته مقتول زرنوش ان کان هدايتون وٺي رهيو هو.
زرنوش ۽ سندس گروپ 27 آڪٽوبر 2024 تي باغ ضلعي ۾ هڪ پوليس پوسٽ تي حملي ۾ ملوث هو، جنهن ۾ هڪ پوليس اهلڪار مارجي ويو هو.اھڙين ٻين واقعن ۾ بھ ملوث ھو. ڪجهه ڏينهن اڳ ھن گروپ سان لاڳاپيل ڪجهه ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ پڇاڻي دوران معلوم ٿيو تھ زرنوش نسيم گروپ جي اڳواڻي ڪري پيو..مقامي صحافي نصير چوڌري بي بي سي کي ٻڌايو ته پاڪستان جي انتظام هيٺ ڪشمير ۾ ھي پهريون واقعو آهي جنهن ۾ هتي ٽي ٽي پي جي موجودگي جو ذڪر ڪيو ويو آهي ۽ اهڙو واقعو اڳ ڪڏهن به رپورٽ نه ٿيو آهي.ٻئي طرف ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق دعويٰ ڪئي آهي ته راولاڪوٽ ۾ مارجي ويل مبينا شدت پسندن ۾ ‘سڀ کان وڌيڪ گهربل دهشتگرد الفت علي’ شامل آهي، جيڪو ‘پاڪستان ۾ ڪيترن ئي خودڪش حملن ۾ گهربل ‘ آهي.
زرنوش نسيم ڪير هو؟ علائقي جي ماڻهن ۽ سندس خاندان جي مطابق، زرنوش نسيم پنهنجي پرائمري تعليم باغ مان حاصل ڪئي ۽ بعد ۾ اسلامي يونيورسٽي، اسلام آباد مان ايم فل ڪئي.زرنوش نسيم اسلامي يونيورسٽي ۾ پڙهندي افغانستان به ويو. بي بي سي سان ڳالهائيندي، سندس پيءُ، راجا نسيم تصديق ڪئي ته سندس پٽ افغانستان هليو ويو ھو.زرنوش نسيم جو ننڍو ڀاءُ جبران نسيم مظفر آباد جي هڪ خانگي يونيورسٽي ۾ مصنوعي ذهانت جي تعليم حاصل ڪري رهيو هو، پر هن ڪجهه وقت اڳ پنهنجي تعليم ڇڏي ڏني هئي.زرنوش نسيم اھو ئي نوجوان آھي. جنھن پاڪستان تحرڪ انصاف جي اڳواڻ علي امين گنڊاپور تي ھڪ جلسي ۾ تقرير ڪرڻ وقت جوتو اڇلائي ھنيو ھو.