ڇا سنڌ جو نوجوان تبديليءَ جي واڳ وٺي سگهندو؟

تحرير: ساحر ٻپڙ

اڄ جو سڀ کان اهم، نازڪ ۽ بنيادي سوال اهو آهي ته ڇا سنڌ جو نوجوان تبديليءَ جي واڳ پنهنجي هٿن ۾ وٺڻ لاءِ تيار آهي؟ هي سوال صرف سياسي دائري تائين محدود ناهي بلڪه سماجي، ثقافتي، نفسياتي ۽ تهذيبي سطحن تي به ڦهلجي ٿو. ڇو ته نوجوان فقط مستقبل جا معمار نه هوندا آهن بلڪه حال جي ميدان جا ويڙهاڪ به هوندا آهن. پر سوال اڃا بي جواب آهي: ڇا اڄ جو نوجوان پاڻ کي انهيءَ ذميواريءَ جو اهل سمجهي ٿو؟ ڇا هو تبديليءَ لاءِ ضروري شعور، سجاڳي، جرئت ۽ رٿابنديءَ سان ليس آهي؟ يا هو اڃا تائين صرف تماشائي بڻيل آهي؟ جيڪڏهن سنڌ جو نوجوان تبديليءَ جي واڳ سنڀالڻ لاءِ تيار آهي، ته پوءِ سندس اڳيان ايتريون ڏکيون رڪاوٽون ڇو بيٺل آهن؟ سنڌ جي نوجوان لاءِ وقت هميشه سازگار نه رهيو آهي، جهڙوڪ: هڪ اهڙو تعليمي نظام، جيڪو علم ڏيڻ بدران ذهنن کي غلام بڻائڻ لاءِ جوڙيو ويو، سياسي ماحول جتي ميراثي قيادت نوجوانن جي اُسرڻ جي واٽ روڪي بيٺي آهي. روزگار جا بند رستا، نشي جي وبا، ميڊيا جي گمراھ ڪن تصوير ۽ سماج جي بي حسي. اهي سڀ عنصر نوجوانن جي حوصلي کي وڌائڻ بدران سندن ارادن کي ڪمزور ڪن ٿا. اڄ جو نوجوان علم، اعتماد ۽ مقصد جي تڪميل سان معمور هجڻ گهرجي ها پر بدقسمتيءَ سان کيس مايوسي، بي يقيني ۽ پاڻ تي بي اعتمادي ورثي طور ملي آهي.

پر ان هوندي به ان انڌي ماحول ۾ اميد جو هڪ شعلو روشن آهي. ڇو ته سنڌ جي نوجوان جي رڳن ۾ تبديليءَ جو رت ڊوڙي ٿو. تاريخ شاهد آهي ته ون يونٽ جي خلاف جدوجهد هجي، ضياءَ جي آمريت خلاف تحريڪ هجي يا ڌرتي جي وسيلن جي مالڪيءَ لاءِ اٿيل آواز، هر محاذ تي نوجوان ئي صفِ اول ۾ بيٺا. انهن ئي نوجوانن رستن تي نعرن جي گونج پيدا ڪئي، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ مزاحمت جا درس ڏنا، شاعري، ادب، فن ۽ صحافت جي ذريعي شعور جي شمع ٻاري ۽ ظلم جي اوندھ ۾ اميد جو ڏيئو بڻيا. جڏهن اسان سنڌ جي تاريخ تي ويچار ڪريون ٿا ته اسان کي هڪ مستقل فڪر ملندو: ته سنڌ جو نوجوان صرف مستقبل جو اميدوار نه پر حال جي تحريڪن جو اڳواڻ رهيو آهي. ڀٽو دور جون شاگرد تحريڪون هجن، ون يونٽ جي خلاف اٿيل زوردار مظاهرا هجن يا وري جي ايم سيد، رسول بخش پليجو ۽ حيدر بخش جتوئي جي فڪري ڌارائن سان لاڳاپيل قومي تحريڪون، انهن سڀني ۾ نوجوانن مرڪزي ڪردار ادا ڪيو. انهن ئي نوجوانن مان ڪيترين ئي تحريڪن جا صفِ اول جا اڳواڻ پيدا ٿيا، جن نه فقط سياسي ميدان ۾ مزاحمت جو نقش ڇڏيو پر تعليمي ادارن جي فضا به تبديل ڪئي. سنڌ جي تاريخ ان ڳالھ جو ڀرپور ثبوت آهي ته هتي جو نوجوان صرف حاڪم طبقي جي بيحسيءَ جو شڪار نه رهيو، بلڪه هر دور جي ظلم، جبر ۽ ناانصافيءَ خلاف بلند آواز بڻيو آھي. هن ڌرتيءَ جي نوجوان نسل هميشه ظالم نظام کي للڪاريو آهي، نه رڳو لفظن سان پر عمل، قرباني ۽ شعور جي روشنيءَ سان.

اڄ جو سنڌي نوجوان رڳو نعرا هڻڻ يا سوشل ميڊيا تي پوسٽون ڪرڻ تائين محدود نه رهي، ڇو ته تبديلي ڪا پوسٽ ناهي اها هڪ زندگي جو انداز آهي. وقت اچي ويو آهي ته نوجوان پنهنجي اندر سياسي، سماجي ۽ تاريخي شعور پيدا ڪري، جيئن هو لفظن جي هٿيار سان، فڪر جي طاقت سان، علم جي روشني سان استحصالي نظام جي اونداهيءَ جو مقابلو ڪري سگھي. تنقيدي سوچ ۽ تحقيقي لکڻيون ئي اهي هٿيار آهن، جن سان راءِ عامہ کي جهنجهوڙي سگهجي ٿو. پر ان لاءِ نوجوان کي پهرين پنهنجو اندروني خوف، بي يقيني ۽ احساسِ ناتواني ختم ڪرڻو پوندو. کيس سمجهڻو پوندو ته تبديلي نه ڪنهن اڳواڻ جي ذاتي ملڪيت آهي نه ڪنهن پارٽي جي اجاري داري، اها هڪ اجتماعي ذميواري آهي ۽ ان جو مرڪز نوجوان ئي آهن. کيس پنهنجي تعليم کي صرف سرڪاري نوڪري لاءِ نه پر سماجي شعور جي وڌايل ڏس ۾ سمجهڻ گهرجي. هو پنهنجي ٻوليءَ، تاريخ، تهذيب ۽ ڌرتيءَ جي سڃاڻپ سان فخر سان جڙيل رهي، ڇاڪاڻ ته جيڪا قوم پنهنجي جڙن کي وساري ڇڏي ٿي ته ان جي وڻ مان نه گل نڪرندا نه ڦل. سنڌ جو نوجوان هاڻ صرف علاقائي سوچ تائين محدود نه رهي، کيس عالمي تبديلين، جدوجهدن ۽ فڪري موومينٽ سان پاڻ کي وابسته ڪرڻو پوندو ته جيئن سندس آواز صرف حيدرآباد يا لاڙڪاڻو نه پر قاهره، استنبول، تهران، غزه ۽ واشنگٽن تائين گونجي.

جيڪڏهن دنيا جي تاريخ جو جائزو وٺجي ته جتي ڪٿي به تبديلي آئي آهي، اتي نوجوان ئي صف اول تي رهيا آهن. فرانس جي انقلاب ۾ شاگردن جا نعرا، آمريڪا ۾ نسلي امتيازن خلاف نوجوانن جي جدوجهد، ايران جي اسلامي انقلاب ۾ نوجوانن جي بي مثال قربانيون ۽ عرب دنيا ۾ آيل "بهار” جي لهر. هي سڀ نوجوان شعور، جذبي ۽ قرباني جي علامتون بڻجي سامهون آيا آهن. ظلم جي هر شڪل، استحصال جي هر ريت ۽ ناانصافي جي هر داڻي کي للڪاريندڙ قوت نوجوان ئي رهيو آهي. هانگ ڪانگ جي احتجاج کان وٺي، چلي، سوڊان، لبنان ۽ خاص طور تي فلسطيني عوام جي مزاحمتي سفر ۾ نوجوانن جي اڳڀرائي اڄ به جاري آهي. انهن سڀني تحريڪن جو هڪ مشترڪ عنصر: فڪر، اتحاد، قرباني ۽ سوشل ميڊيا جي دانشمندانہ استعمال رھيو آھي. ھُتان جي نوجوانن پنهنجي آوازن کي صرف اسٽيڊيم يا روڊن تائين محدود نه رکيو پر ٽوئٽر، فيس بوڪ، يوٽيوب ۽ انسٽاگرام جي ذريعي عالمي راءِ عامہ کي متاثر ڪيو. هي مثال سنڌ جي نوجوان لاءِ رڳو حوصلي جو سرچشمو ناهن پر اشارو آهن ته جيڪڏهن نوجوان سنجيده، منظم ۽ شعور سان ڀرپور ٿين ته دنيا جون سڀ کان وڏيون ديوارون به ڪيري سگهن ٿا. اها ڳالھ سچ آهي ته اڄ جو نوجوان ماحول، نظام ۽ سماج کان مايوس آهي، پر تاريخ ٻڌائي ٿي ته مزاحمت سدائين مايوسيءَ جي انڌيري مان جنم ورتو آهي. جڏهن به ظلم وڌيو آهي، جڏھن به اميدن جا ڏيئا وسامڻ لڳا آهن، تڏهن ئي ڪن ڪونڌرن، ڪٿي ڪڏهن نه ٻڌايل نالن، گمنام نوجوانن مزاحمت جا شعلا ٻاريا آهن. سنڌ جو نوجوان به جيڪڏهن پنهنجي سڃاڻپ، ڌرتي، ٻولي، تاريخ ۽ حقن سان جذباتي نه بلڪ شعوري رشتو جوڙي ته تبديلي صرف نعريبازي نه پر هڪ تحريڪ بڻجي سگھي ٿي. اڄ ضرورت آهي خود اعتمادي جي، علم جي، اتحاد جي ۽ سڀ کان وڌيڪ عملي قدم کڻڻ جي. سنڌ جو نوجوان جيڪڏهن علم کي هٿيار، اتحاد کي رستو، شعور کي روشني ۽ مزاحمت کي فخر بڻائي اڳتي وڌندو ته پوءِ يقين ڄاڻو ته فقط واڳ نه پر مستقبل جو نئون نقشو به سندس هٿن ۾ هوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.