ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: ممتازسنڌي)ڪنڌڪوٽ شھر سميت ضلعي ۾ ڏوھاري راڄ، بدامني، ڀتاخوري خلاف آل پارٽيز موومينٽ ۽ شھري اتحاد جي سڏ تي ٽئين ڏينهن تي سوين شھرين شھر جي دل گھنٽا گھر چوڪ کان پريس ڪلب تائين امن جا گيت ڳائيندي امن جا زوردار نعرا هنيا ۽ ھٿن ۾ موبائيل فون جون بتيون ٻاري امن مارچ ڪيو، ان موقعي ڊاڪٽر ميھر چند، دلمراد ڏاھاڻي، غلام مصطفيٰ ميراڻي، ظريت ساگر بجاراڻي، اڪرم باجڪاڻي، حسن بخش سومرو، فدا حسن محمداڻي، والي ڏنو سنڌي، غلام رسول ملڪ، شعبان خان جکراڻي، شاھنواز مرھيٽو، اصغر شيخ، اشوڪ ڪمار ۽ ٻين چيو ته امن ختم ٿي ويو آهي.