اسلام آباد(ع آ نيوز) چيف جسٽس آف پاڪستان يحيیٰ آفريدي جي سفرِ حج تي روانگي سبب، سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس منيب اختر قائم مقام چيف جسٽس جي حيثيت سان حلف کڻي ورتو آهي. جسٽس جمال مندوخيل، جسٽس منيب اختر کان قائم مقام چيف جسٽس جي عهدي جو حلف ورتو۔ حلف برداري جي تقريب سپريم ڪورٽ ۾ ٿي، جنهن ۾ سپريم ڪورٽ جا ججن، اٽارني جنرل آفيس جا آفيسر ۽ سينيئر وڪيل شريڪ ٿيا. جسٽس منيب اختر 6 جون تائين قائم مقام چيف جسٽس طور ذميواريون نڀائيندا، جڏهن ته 6 جون کان 10 جون تائين جسٽس منصور علي شاهه قائم مقام چيف جسٽس جي حيثيت سان خدمتون انجام ڏيندا. جسٽس منيب اختر سنيارٽي لسٽ ۾ ٽئين نمبر تي آهن،.