خرچ گهٽائڻ بدران ٽيڪس وڌائڻ ظلم آهي: ڪاشف سعيد شيخ

حيدرآباد (رپورٽر)  جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ  چيو آهي ته ايٽمي طاقت رکندڙ ملڪ پاڪستان جي  معاشي حالت نازڪ موڙ تي بيٺل آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽنڊوالهيار ۾ پهرين جون تي حيدرآباد ۾ رٿيل جلسه عام جي حوالي سان جماعت اسلامي ضلع ٽنڊوالهيار جي ضلعي شورى ۽ نظم جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي صوبائي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري سُهيل احمد شارق، ضلعي امير آصف ياسين سميت ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا، هن چيو ته حڪمرانن جي ناقص معاشي پاليسين ۽ قرض کڻي عياشيون ڪرڻ جي نتيجي ۾ اڄ پاڪستان جي سالياني بجيٽ به عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف جي هٿ وس ٿي چڪي ۽ ڳرن شرطن عيوض عوام مٿان ايندڙ بجيٽ ۾ سولر پئنلن تي ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ، زرعي دوائون، ڀاڻ ۽ اوزارن تي 18 سيڪڙو جي ايس ٽي لڳائڻ، ٽيڪس سڌارا، توانائي شعبي ۾ تبديليون، ۽ خاص ٽيڪنالاجي زونز لاءِ مراعتن جو خاتمو شامل آهي.  آءِ ايم ايف جي شرطن جي تحت جڙندڙ بجيٽ ۾ سبسڊين جي خاتمي، ٽيڪسن ۾ واڌ، ۽ توانائي جي قيمتن ۾ اضافي سبب مهانگائي ۾ تيزي سان واڌ ٿيندي، پنهنجا فضول خرچ گهٽائڻ بدران نئين مالي سال دوران پيٽروليم ليوي ذريعي 1311 ارب روپين جي وصولين جو منصوبو آءِ ايم ايف اڳيان پيش ڪرڻ سراسر ظلم ۽ ظلم آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.