ڀارت جي پاڻي معاملي تي دهشت گردي جا ڀيانڪ نتيجا نڪرندا: فيلڊ مارشل

ڪوئيٽا(م ڊ) فيلڊ مارشل جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته ڀارت جي هائيڊرو ٽيررازم (پاڻياٺي دهشتگردي) جا ڀيانڪ نتيجا نڪرندا، ۽ پاڪستان ڪنهن به جارحيت جو ڀرپور ۽ منهن ٽوڙ جواب ڏيندو. هن واضح ڪيو ته پاڪستان اندر دهشتگردي کي ڀارتي رياستي سرپرستي حاصل آهي، پر قوم جي حمايت سان دهشتگردي خلاف جنگ کي منطقي انجام  تائين پهچايو ويندو. جنوبِي ايشيا ۾ توازن لاءِ ڪشمير مسئلي جو حل ضروري آهي.آءِ ايس پي آر (پاڪ فوج جو تعلقات عامه شعبي) جي بيان مطابق، آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽه جو دورو ڪيو، جتي هن زير تربيت آفيسرن ۽ فيڪلٽي ان خطاب ڪيو.فيلڊ مارشل آپريشن "بنيان مرصوص” جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ انهن جي خاندانن سان مڪمل همدردي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته قوم جي اتحاد سان پاڪستان جا ماڻهو ملڪ جي حفاظت لاءِ فولادي ديوار بڻجي چڪا آهن. هن پاڪ فوج جي پيشه ورانه صلاحيتن جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته "معرڪوءِ حق جي ڪاميابي، قومي عزم ۽ ادارن جي گڏيل هم آهنگي جو واضح ثبوت آهي. .عاصم منير عالمي ۽ علائقائي تبديل ٿيندڙ حالتن ۽ ڀارت جي وڌندڙ اشتعال انگيزي کي خطي لاءِ خطرناڪ قرار ڏنو. هن چيو ته پاڪستان دٻاءَ هيٺ نه ايندو ۽ هر قسم جي جارحيت جو سخت جواب ڏيندو. فيلڊ مارشل چيو ته پاڪستان کي دهشتگردي خلاف جنگ مان ڌيان هٽائڻ جون سموريون ڪوششون ناڪام ٿينديون.قبل ازين، فيلڊ مارشل جي ڪوئيٽا پهچڻ تي ڪور ڪمانڊر ڪوئيٽه ۽ ڪمانڊنٽ ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج سندن آڌرڀاءُ ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.