ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سڀني جمھوري قوتن کي گڏجي ھلڻو پوندو: صدر زرداري

لاهور (عوامي آواز نيوز) صدر آصف علي زرداري چيو آھي ته پاڪستان ۾ ھاڻوڪو سياسي، دفاعي ۽ معاشي استحڪام جو جاري رھڻ ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ ھڪ روشن تر مستقبل جي لاءِ نھايت ضروري آھي، اُن لاءِ سمورين جمھوري قوتن کي گڏ ٿي ۽ اتفاق راءِ سان ھلڻو پوندو، اھڙو اظھار صدر آصف علي زرداري گذريل ڏينھن گورنر ھائوس لاھور ۾ پيپلز پارٽي جي صوبائي  اڳواڻن ۽ مواصلات واري  وفاقي وزير عبدالعليم خان سان ڳالھائيندي ڪيو، اڳوڻي وزير راجا پرويز اشرف جي قيادت ۾ وفد ۾ پ پ سينٽرل پنجاب جي جنرل سيڪريٽري حسن مرتضيٰ، صوبائي اطلاعات سيڪريٽري شھزاد سعيد چيما، چوڌري اسلم گل، مھر ارشاد سيال ۽ ٻيا شامل ھُئا، ملاقات ۾ گورنر پنجاب سردار سليم حيدر خان، پ پ جو مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري نديم افضل چن ۽ پيپلز پارٽي آزاد ڪشمير جو صدر چوڌري محمد ياسين به موجود ھُئا. اُن موقعي تي ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال، ايندڙ بجيٽ ۽ پارلياماني معاملن تي خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر آصف علي زرداري پنھنجو موقف ھڪ ڀيرو ٻيھر ورجايو ته اسان کي جمھوريت ۽ عوامي خدمت کي سدائين مٿانھون رکڻ گھرجي، عوام کي درپيش مسئلن جي حل ۽ سندن زندگي ۾ آساني پيدا ڪرڻ لاءِ ھر فرد ۽ مڪتب فڪر کي پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. صدر آصف علي زرداري ڪالهه به گورنر ھائوس پنجاب ۾ مصروف ڏينھن گذاريو ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر ثمينه خالد، پيپلز پارٽي جي باني ميمبر عارف خان، چوڌري ذڪا اشرف، صوبائي اسمبلي جي ميمبر بيگم رانا ناصرا شوڪت، ڊاڪٽر فريد الذڪريا سميت ٻين سياسي سماجي شخصيتن به صدر سان ملاقات ڪئي. گورنر پنجاب سردار سليم حيدر خان به سمورين ملاقات ۾ موجود رھيو، ملاقات ۾ معاشرتي ترقي، تعليم، عورتن جي قومي ترقي ۾ ڪردار ۽ قومي يڪجھتي جھڙن اھم موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفدن سان ڳالھائيندي صدر آصف علي زرداري چيو ته جمھوريت اسان جي قومي سڃاڻپ جو بنيادي ٿنڀ آھي، اسان پارلياماني قدرن، قانون جي حڪمراني ۽ عوامي شموليت کي مستحڪم بڻائڻ لاءِ جدوجھد ڪري رھيا آھيون. چونڊين نمائندن ۽ سياسي ڪارڪنن جي ذميواري آھي تھ اُھي عوام سان رابطي ۾ رھن ۽ سندن مسئلن جي حل لاءِ فعال ڪردار ادا ڪن. ثمينه خالد گھرڪي صدر کي پنھنجي تڪ جي مسئلن بابت بھ آگاھ ڪيو ۽ مختلف تجويزون به پيش ڪيون. صدر سان شھيد محترمھ بينظير ڀٽو جي محافظ محمد شفيق گوگا شھيد جي ڌيءُ ۽ مشھور صحافي مائرا ھاشمي بھ پنھنجي گھر ڀاتين سان گڏجي خصوصي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ شھيدن جي ٻارن کي پارٽي ۾ متحرڪ ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، ان موقعي تي صدر آصف علي زرداري چيو تھ شھيدن جا خاندان پيپلز پارٽي جو سرمايو آھي، ڪنھن بھ تنظيم جي اصل طاقت اُن جا مخلص ڪارڪن ھوندا آھن، اسان ھر ڏکئي وقت  ۾ پنھنجي جانثار ڪارڪنن سان گڏ بيٺا آھيون. مائرا ھاشمي پيپلز پارٽي جو قيمتي اثاثو ۽ نئين نسل جي نمائندھ آھي. وفاقي وزير مواصلات عبدالعليم خان ۽ نواب شھزاد سان ڳالھائيندي  صدر چيو ته ملڪي ترقي جي لاءِ جديد ۽ جٽادار موصلاتي نظام اڻٽر آھي، ترقياتي منصوبا روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ سان گڏ ملڪي معيشت جي رفتار تيز ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪندا آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.