سيئول (ويب ڊيسڪ) اولمپڪ گولڊ ميڊلسٽ ۽ جولين ٿروئر ارشد نديم ايشين اٿليٽڪس چيمپيئن شپ ۾ به پنهنجي شاندار ڪارڪردگي برقرار رکندي گولڊ ميڊل ماڻي ورتو.
ڏکڻ ڪوريا ۾ ٿيل ايشين اٿليٽڪس چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ پاڪستان جي ياسر سلطان پهرين ڪوشش ۾ 70.53 ميٽر ٿرو ڪئي، ٻي ڪوشش ۾ 75.39 ميٽر ۽ ٽِين ڪوشش ۾ 75.50 ميٽر جي ٿرو ڪيو.
پاڪستان جي ارشد نديم پهرين ڪوشش ۾ 75.64 ميٽر، ٻي ڪوشش ۾ 76.80 ميٽر ۽ ٽئين ڪوشش ۾ 85.57 ميٽر تائين نيزو اُڇلايو.
ارشد نديم چوٿين ڪوشش ۾ 83.99 ميٽر ۽ آخر ۾ پنهنجي ڇهين ۽ آخري ٿرو 86.40 ميٽر تائين اُڇلائي پهرين پوزيشن ماڻي ۽ سونو ٻِلو پنهنجي ناليو.
فائنل مقابلي ۾ ڀارت جو سچن يادو ٻئي نمبر تي رهيو.
ارشد نديم ان کان اڳ پئرس اولمپڪس ۾ به گولڊ ميڊل کٽي چڪو آهي.
1973 کانپوءِ پاڪستان لاءِ پهريون گولڊ ميڊل
ايشين اٿليٽڪس جي تاريخ ۾ 1973ع کانپوءِ پاڪستان لاءِ اهو پهريون گولڊ ميڊل آهي، پاڪستان ان کان اڳ 1973ع ۾ فلپائن ۾ ٿيل ايونٽ ۾ جولين ٿرو ۽ 800 ميٽر ڊوڙ ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪيا هئا، 800 ميٽر ڊوڙ ۾ محمد يونس ۽ جولين ٿرو ۾ الله داد کٽيو هو.
ارشد نديم گذريل 50 سالن دوران ايشين اٿليٽڪس چيمپيئن شپ ۾ گولڊ ميڊل ماڻيندڙ پهريون پاڪستاني آهي.
پي سي بي چيئرمين طرفان مبارڪون
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي ارشد نديم کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته” شاباش ارشد نديم، شاباش! اسان کي توهان تي فخر آهي، ارشد جي ڪاميابي سندس ڪوچ ۽ گهر وارن لاءِ به خوشي جو موقعو آهي، ارشد نديم پاڪ ڌرتي جو سپوت آهي ۽ اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر هر پاڪستاني جو ڳاٽ فخر وچان اوچو ٿي ويو آهي.
You might also like