اسلام آباد(م ڊ) آءِ ايم ايف پاليسين جي جوڙجڪ ۽ انهن تي عملدرآمد ۾ ڪرپشن ۽ غيرضروري اثر و رسوخ جي خطرن کي گهٽائڻ جو مطالبو ڪندي، رياستي ملڪيت وارن ادارن جي گورننس فريم ورڪ جي مڪمل لاڳو ٿيڻ تي زور ڏنو آهي، آءِ ايم ايف رياستي ملڪيت وارن ادارن جي فريم ورڪ جي مڪمل عملي نفاذ ۽ فريم ورڪ ۾ سڀني رياستي ادارن جي شامل ٿيڻ جو مطالبو ڪيو آهي، آءِ ايم ايف انهن قدمن کي ادارن جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ ۽ مالي خطرن کي گهٽائڻ لاءِ اهم قرار ڏنو آهي، جڏهن ته احتساب ۽ شفافيت وڌائڻ لاءِ گورننس فريم ورڪ کي مضبوط ڪرڻ وارا قدم جاري رکڻ تي زور ڏنو ويو آهي، ذريعن موجب، آءِ ايم ايف چاهي ٿو ته پاڪستان جي حڪومت جوڙجڪ وارن سڌارن (structural reforms) جو عمل جاري رکي، ته جيئن پائيدار ترقي حاصل ڪرڻ ممڪن بڻجي سگهي.