پاڪستان کي ايٽمي طاقت ٿئي 27 سال مڪمل، تقريبون

اسلام آباد(بيورو+م ڊ)سموري ملڪ ڀر  ’يومِ تڪبير‘ جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، پاڪستان جي ايٽمي ڌماڪن کي اڄ 27 سال مڪمل ٿي ويا، 28 مئي 1998ع تي پاڪستان ڀارت جي 5 ايٽمي  ڌماڪن جو جواب ڏئي، خطي ۾ طاقت جو توازن بحال ڪيو ۽ دنيا کي پنهنجي دفاعي سگهه جو احساس ڏياريو،هيءَ ڏينهن ’يومِ تڪبير‘ طور سڄي ملڪ ۾ وڏي جوش ۽ قومي فخر سان ملهايو ويندو آهي، ڇو ته اڄوڪي ڏينهن پاڪستان پهرين اسلامي ملڪ طور دنيا جي سامهون ايٽمي طاقت بڻجي اڀريو،ايٽمي تجربن سان پاڪستان پنهنجو دفاع ناقابلِ تسخير بڻائي ڇڏيو، 1998ع ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي دور حڪومت ۾، بلوچستان جي علائقي چاغي ۾ پاڪستان 6 ايٽمي ڌماڪا ڪري، ڀارت جي ڌماڪن جو منھن ٽوڙ جواب ڏنو، جنهن کان پوءِ هي تاريخي ڏينهن هر سال يومِ تڪبير جي نالي سان ياد رکيو وڃي ٿو، هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف يومِ تڪبير جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پاڪستان دنيا جي ستين ايٽمي طاقت بڻجڻ جا 27 سال پوري ڪيا آهن، ۽ هن ڀيري ’يومِ تڪبير‘ هڪ اهم ۽ تاريخي لمحي تي ملهايو پيو وڃي، هن چيو ته الله پاڪ جي فضل سان پاڪستان 6 کان 10 مئي تائين جي حق ۽ باطل واري معرڪي ۾ ڪامياب ٿيو، ڀارت پاران مڙهيل جنگ ۾ پاڪستان فتح حاصل ڪئي، جنهن سان قوم جي خوشي ٻيڻي ٿي وئي.

  • ڀارتي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏنو،آذربائيجان ۾ جشن ملهايو پيو وڃي:عطا تارڙ

باڪو(م ڊ)وفاقي وزير اطلاعات عطا تارڙ چيو آهي ته ڀارت جي تازي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏنو ويو ۽ پوري قوم الله تعاليٰ جي شڪرگذار آهي ته پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر سرخرو ٿيو، آذربائيجان جي گاديءَ واري شهر باڪو ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته يومِ جمهوريت جي حوالي سان ٿيندڙ تقريبات دوران پاڪستان جو يومِ تڪبير به وڏي جوش و خروش سان ملهايو پيو وڃي، جتي خوشين جو ماحول آهي ۽ ماڻهن جي دلين ۾ پاڪستان لاءِ خاص محبت ۽ جذبو موجود آهي، عطا تارڙ جو چوڻ هو ته ترڪيه ۽ آذربائيجان سان پاڪستان جا پراڻا، ڀائراڻا ۽ مضبوط لاڳاپا آهن، جيڪي وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿين پيا،هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي دور ۾ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسيءَ ۾ بهتري آئي آهي ۽ دنيا ۾ پاڪستان جي ساک وڌي آهي، وفاقي وزير چيو ته آذربائيجان ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي ۽ مقامي عوام جنهن انداز سان يومِ تڪبير ملهايو، اهو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان جون دفاعي ڪاميابيون نه صرف ملڪ اندر پر دنيا ۾ به فخر جو باعث بڻجن ٿيون، هن وڌيڪ چيو ته شڪست خوردو ڀارت هن وقت پنهنجي خفّت لڪائڻ لاءِ مختلف قسم جا بيان ڏئي رهيو آهي، پر حقيقت اها آهي ته پاڪستان مضبوط دفاعي حڪمت عملي ۽ قومي يڪجهتيءَ سان دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي،  هن خبردار ڪندي چيو ته ڀارت جي هر جارحيت جو جواب ڏنو ويندو، پاڪستان جي دشمنن کي سمجهي وٺڻ گهرجي ته پاڪستان امن جو حامي ضرور آهي، پر پنهنجي خودمختياريءَ جي تحفظ لاءِ هر حد تائين وڃي سگهي ٿو.

  • توانائي واري وزارت پاران نيپرا جي فيصلن تي خدشن جو اظهار

اسلام آباد (بيورو+م ڊ) توانائي واري وزارت نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) جي ڪجهه فيصلن تي تحفظات جو اظهار ڪيو آهي، توانائي کاتي جي وفاقي وزير اويس لغاري چيو آهي ته  نيپرا جي ڪيترن ئي فيصلن تي وزارت کي سخت خدشا آهن، هن چيو ته نيپرا جا فيصلا وفاقي سبسڊي ۽ ٽيرف تي اثرانداز ٿي سگهن ٿا، اويس لغاري موجب نيپرا جا تازا فيصلا توانائي جي شعبي تي مالي دٻاءُ وڌائي رهيا آهن ۽ وزارت انهن ٽيرف فيصلن جو جائزو وٺڻ جو ارادو رکي ٿي، اويس لغاري اهو به ٻڌايو ته ڊسمبر 2024 کان التوا هيٺ جنريشن ٽيرف جو فيصلو اڃا تائين غور هيٺ آهي، پهچ، ورڇ ۽ فراهمي سان لاڳاپيل پاليسين جو به ٻيهر جائزو ورتو ويندو، هن چيو ته نيپرا جي دير توانائي شعبي جي مالي پائيداري لاءِ خطرو بڻجي وئي آهي ۽ ٽيرف بابت فيصلا خانگي سيڙپڪاري ۽ صارفين تي منفي اثر وجهي سگهن ٿا، وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته نيپرا جا فيصلا يڪسان ٽيرف نظام ۽ سبسڊي جي طريقيڪار کي متاثر ڪري سگهن ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.