آءِ ايم ايف پاران ٽئڪس چورن کي سوڙهو ڪرڻ، زراعت تي اوڳاڙي وڌائڻ تي زور

اسلام آباد(بيورو رپورٽ/م ڊ)  آءِ ايم ايف طرفان ٽيڪس وڌائڻ لاءِ سخت قدم کڻڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف تجويز ڏني آهي ته ٽيڪس نه ڏيندڙن خلاف وڌيڪ سخت قدم کنيا وڃن، ٽيڪس اختيارين جي اختيارن ۾ واڌ ڪئي وڃي ۽ انهن جي ڪم ۾ شفافيت آندي وڃي. ٽيڪس چوري روڪڻ لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال وڌيڪ وڌايو وڃي. مالي وزارت جي ذريعن موجب پي او ايس تي ٽيڪس چوري جي سزا 5 لک مان وڌائي 50 لک ڪرڻ جي تجويز آهي، جڏهن ته ٽيڪس چوري تي ڏنڊ سان گڏ فوجداري ڪيس داخل ڪرڻ جي به تجويز آهي. وزير خزانه جو چوڻ آهي ته سول ۽  فوجي ملازمن جي پگهارن تي اڃا ڪو فيصلو نه ٿيو آهي، پگهاردار طبقن جي ٽيڪس ۾ گهٽتائي آڻڻ تي ڪم پيو ٿئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سولر پينلن سميت سڀني ٽيڪس ڇوٽن کي ختم ڪرڻ جي تجويز آهي، جڏهن ته ڀاڻ، زرعي اسپري ۽ اوزارن تي 18 سيڪڙو جنرل سيلز ٽيڪس (جي ايس ٽي) لاڳو ڪرڻ جي تجويز آهي.ذريعن موجب، بجيٽ ۾ زرعي انپٽس ۽ مشينري تي فيڊرل ايڪسايز ڊيوٽي جي شرح وڌائڻ جي تجويز تي غور ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته پرتعیش شين جي فهرست ۾ وڌيڪ شيون شامل ڪري ٽيڪس وڌائڻ جي تجويز آهي. آرامدهه شين تي سيلز ٽيڪس کي 25 سيڪڙو تائين وڌائڻ جي تجويز پڻ سامهون آئي آهي. ياد رهي ته پاڪستان جي ساليانو بجيٽ 2025-26، 2 جون تي پيش ڪيو ويندو، ۽ ان سلسلي ۾ وزير خزانه سينيٽر محمد اورنگزيب جو چوڻ آهي ته بجيٽ ۾ پگهاردار طبقن کي رليف ڏيڻ لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.