نوشهرو فيروز(ع آ نيوز) مورو ويجهو ڳوٺ بجاراڻي لغاري ۾ شھيد عرفان لغاري جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي جڏھن ته جنازي ۾ مختلف سياسي، سماجي، مذهبي اڳواڻن سميت عوام جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. نوشهروفيروز ضلعي جي تعلقي مورو ويجهو ڳوٺ بجراڻي لغاري ۾ شهيد عرفان لغاري جي جنازي نماز سندس اباڻي ڳوٺ بجراڻي لغاري ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ سياسي، سماجي، مذهبي اڳواڻن سميت علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. شهيد عرفان لغاري جي جنازي نماز مشهور شيعا عالم مولانا اياز قمي پڙهائي، جنهن دوران فضا سوڳوار بڻجي وئي. جنازي ۾ شرڪت ڪندڙ هزارين ماڻهن عرفان لغاري لاءِ دعا گھري ۽ سندس وارثن سان تعزيت ڪئي. شهيد جا ڀائر، والد، ۽ ويجها مائٽ اوڇنگارون ڏئي روئيندا رهيا، جڏهن ته ڪيترائي ڪارڪن پڻ ڏک ۾ لڙڪ لاڙي ويٺا. جنازي نماز جي موقعي تي ڳوٺ ٻاھران سيڪيورٽي جي سخت انتظامن هيٺ پوليس جا اٽالا، موبائيل گاڏيون، ۽ بڪتربند گاڏيون مقرر ڪيون ويون. ڳوٺ ڏانهن ايندڙ ويندڙ سمورن رستن تي پوليس جا اھلڪار مقرر ڪيا ويا . عرفان لغاري جي جنازي نماز ۾ مختلف قومپرست تحريڪن جي اڳواڻن، مذهبي جماعتن جي نمائندن، سماجي ڪارڪنن، ۽ وڏي انگ ۾ علائقي واسين شرڪت ڪري شهيد سان عقيدت جو اظهار ڪيو. علائقي واسين جو چوڻ هو ته عرفان لغاري هڪ باهمت نوجوان هو، جيڪو هميشه پنهنجي قوم، علائقي، ۽ حقن لاءِ آواز اٿاريندو رهيو. شهيد عرفان لغاري جي تدفين سندس اباڻي قبرستان ۾ ڪئي وئي، جتي پڻ سوين ماڻهن کيس آلين اکين سان الوداع ڪيو. جنازي نماز ۾ ايس ٽي پي وفد گلزار سومري جي اڳواڻي ۾ ۽ سنڌين نيشنل ڪانگريس جو مرڪزي چيف آرگنائيزر ايڊووڪيٽ محب آزاد، امين گهانگهرو ساٿين سان گڏ شرڪت ڪئي.