ڪراچي(رپورٽ: آزاد لال حسين) مورو واقعي بابت آءِ جي سنڌ جي جوڙيل جاچ ڪميٽي پاران نوشھروفيروز جي اڳوڻي ايس ايس پي سنگهار ملڪ سميت ضلعي جي آفيسرن ۽ اھلڪارن کي اڄ 29 مئي تي طلب ڪري ورتو، ڊي آءِ جي عرفان بلوچ جي سربراھي ۾ جوڙيل 5 رڪني ڪميٽي جي ميمبر امجد شيخ پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪري آفيسرن ۽ اھلڪارن کي طلب ڪيو، سينيئر سپرنٽينڊنٽ آف پوليس اينٽي وھيڪل لفٽنگ سيل (سي آءِ اي) پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ته نوشھروفيروز جو اڳوڻو ايس ايس پي سنگهار ملڪ، اڳوڻو ڊي ايس پي مورو محسن، اڳوڻو ڊي ايس پي نوشھروفيروز قلندر بخش سومرو، اڳوڻو ڊي ايس پي ھيڊڪواٽر غلام حسين ڏاھري، جي او اسپيشل برانچ نوشھروفيروز، اڳوڻو ايس ڊي آءِ پرويز ميمڻ، موري، درس، سڌوجا ۽ نوان جتوئي جا اڳوڻا ايس ايڇ اوز، ساڳين ٿاڻن جا وڏا منشي، اڳوڻو ڊي آءِ بي انچارج، سيڪورٽي انچارج ۽ لنجار ھائوس تي مقرر سمورا پوليس اھلڪار، اڳوڻو شيٽ ڪلارڪ، اڳوڻو آفيس سپرنٽينڊنٽ، اڳوڻي لائن آفيسر سميت سمورا آفيسر ۽ اھلڪار اڄ 29 مئي 2025 تي ايس ايس پي، اي وي ايل سي (سي آءِ اي) جي آفيس تي جاچ ڪميٽي آڏو حاضر ٿين.