مورو واقعي تي پوليس ڪميٽي کي رد ڪريون ٿا:نواز زئور

ميرپور بٺورو(ن ع آ) سنڌي قومي ناري تحريڪ جي باني ڪارڪن ۽ جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور جي گهر  واريءَ زليخان زئور جي پهرين ورسي جو جلسو ڳوٺ احمد خان زئور ۾ جيئي سنڌ قومي پارٽي پاران منعقد ڪيو ويو،جلسي کي صدارتي خطاب ڪندي نواز خان زئور چيو ته زليخان زئور هڪ باهمٿ، ڪميٽيڊ ۽ سنڌ دوست عورت هئي، جنهن پنهنجي سڄي حياتي قومپرست سياست کي مضبوط بڻائڻ لاءِ وقف ڪئي، هن چيو ته مورو سانحي بابت سرڪار پاران پوليس جي سرپرستي ۾ جوڙيل جاچ ڪميٽي کي قومي پارٽي ۽ رھبر ڪميٽي مڪمل رد ڪري ٿي. اسان هن واقعي جي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن جوڙڻ جي گهر ڪريون ٿا. ڪئنالن ۽ ڊيمن خلاف جدوجهد کي نئين سر اڀارڻ جي ضرورت آهي. ڪارپوريٽ فارمنگ، ڪئنالن ۽ ڊيمن خلاف جدوجهد جاري رکنداسين. ان موقعي تي سنڌي ادبي سنگت جي غلام نبي زئور، جسقم جي اڳواڻ شفيع محمد زئور، حميدان مراد، قادر بخش زئور، ڳوٺ سڌار سنگت جي سرائي نانا عثمان زئور، لطيف زئور، وسيم نواز، ڪميونسٽ اڳواڻ ڪامريڊ واجد، پرھ وحيد، گلان زئور، ڪامريڊ فرحين ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.