اسلام آباد(م ڊ)وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته هندستان کي پنهنجي سياست تي نظرثاني ڪرڻي پوندي،مودي پاڪستان کي هڪ نقصان پهچائيندو ته پاڪستان چئوڻ تي وڌيڪ نقصان پهچائيندو،ڀارت سان اسان جي جنگ ٿي ته ان ۾ اسان پاڻ کي سرخرو ثابت ڪيو،هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته مودي اسان جي نوجوانن کي ڌمڪي بدران اسان جي فضائيه کان ڊڄي هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عمران خان تي ڪو به اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي،اها به پڪ ناهي ته هو پنهنجي ڪنهن ڳالهه تي قائم رهي ٿو،هن جو ڪيس مڪ مُڪا وارو ناهي،190 ملين پائونڊ پاڪستان جي خزاني ۾ جمع ڪرائڻ بدران پنهنجي دوست ملڪ رياض جي سپريم ڪورٽ ۾ ڏنڊ لاءِ قائم ڪيل اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا هئا،اهي پئسا موجوده چيف جسٽس وفاقي سرڪار کي واپس ڪيا آهن،هن چيو ته عمران خان سان ڏي وٺ ڪهڙي بنياد تي ٿي سگهي ٿي؟ مارشلا ته ناهي ته کيس اين آر او ڏني وڃي.9 مئي واقعن تي فوج جي ڪيترن ئي سينئر آفيسرن کي سزا ملي آهي،اداري پنهنجي ئي ماڻهن کي بخش نه ڪيو،هن وقت به ڀارت ۽ پي ٽي آءِ اسلام آباد ۽ پاڪستان تي چڙهائي جون ڳالهيون پيا ڪن،فوج جي ڇانوڻين تي حملا ڪير ڪري ٿو،جواب اچي ٿو ڀارت ۽ پي ٽي آءِ،آءِ ايم ايف پروگرام روڪرائڻ ۽ پاڪستان تي پابندين جي مهم به ڀارت ۽ پي ٽي آءِ هلائي ٿي