تهران(م ڊ) فيلڊ مارشل عاصم منير ايران جي چيف آف جنرل اسٽاف سان ملاقات ڪئي آهي جنهن ۾ دفاعي لاڳاپا مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. فيلڊ مارشل عاصم منير کي ايران جي هٿياربند فوج جي چاق و چوبند دستي پاران گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. پاڪ فوج جي سربراهه فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ايران جي هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف ميجر جنرل محمد باقري سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي دفاعي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو۔ آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير ايران جي دوري تي تهران ۾ موجود آهن، جتي هنن ايران جي جنرل اسٽاف هيڊڪوارٽر جو دورو ڪيو. ترجمان ٻڌايو ته فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ ميجر جنرل محمد باقري جي ملاقات ۾ علائقائي سيڪيورٽي، سرحدي تحفظ، دفاعي سهڪار ۽ معاشي لاڳاپن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات دوران پاڪ-ايران دفاعي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ پاڪ-ايران سرحد کي معاشي خوشحالي واري علائقي ۾ تبديل ڪرڻ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي۔ ٻنهي طرفن مان اتفاق ڪيو ويو ته اهي قدم علائقائي امن، استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ فائديمند ٿيندا. ترجمان موجب، جنرل اسٽاف هيڊڪوارٽر، تهران پهچڻ تي فيلڊ مارشل عاصم منير جو شاندار استقبال ڪيو ويو