اسيمبلي جو مدو 8 سال ڪرڻ لاءِ تيارين جا افواھھ ؟

اسلام آباد(منيب فاروق) عمران خان جي بي چيني ھاڻي انتھا تي پھچي وئي آھي تازو عمران خان ٽوئٽ ڪئي آھي جنھن سان اھو واضع ٿي وڃي ٿو تھ ڪو بھ بيڪ ڊور رابطو نھ ٿي رھيوآھي،نوازشريف ۽ فوج وچ ۾ جيڪا ڇڪتاڻ ھئي اھا ھڪ کان ڏھن ۾ صرف ٻھ يا ٽي سيڪڙو ھئي پر عمران جي جيڪا فوج سان ڇڪتاڻ آھي سا ڏھ  آھي،عمران خان کي ھن وقت تائين نھ ئي ملڪ کان ٻاھر موڪلڻ جي آڇ ٿي آھي نھ وري ڪوئي اھڙي غلطي ڪندو، اگر ھو ٻاھر ھليو ويندو تھ پوري دنيا ھن جا انٽرويو ڪرڻ لاءِ اتاولي آھي.سو ٻاھر وڃي ھا تھ ڏھاڙي ويھي يو ٽيوب تي پنجاھ منٽن جي وڊيو ڪري ھا ڪوڙ ڳالھائي ھا، عمران خان جي سزا معطلي جي درخواست جي ٻڌڻي نھ ٿيڻ خلاف احتجاج جو سڏ ڏنو ويوآھي. اسلام آباد ۽ لاھور ھائي ڪورٽ ٻاھران احتجاج جوفيصلو  ڪيو ويوآھي. جنيد اڪبر کي ذميواري ڏني وئي آھي تھ اھو ڪي پي ڪي جي اسيمبلي ميمبرن کي اسلام آباد وٺي اچي ۽ اسلام آباد ھائي ڪورٽ اڳيان احتجاج ڪيو وڃي.ھن وقت بشريٰ بي بي کي تھ رليف ملڻ جو امڪان آ ھي پر عمران خان جي آزادي جو ڪو بھ آسرو ناھي.جڏهن ته  تھ باجوا کي ڇھن مھينن اندر احساس ٿي ويو ھيو تھ ھنن کان غلطي ٿي وئي آھي عمران خان کي وزيراعظم بڻائي.پر پوءِ ھنن جھڙي تھڙي ڪوشش ڪري ان کي ھلائڻ جي ڪوشش ڪئي.ٻئي پاسي اھم خبر بھ ھلي رھي آھي تھ نئين آئيني ترميم وسيلي اسيمبلي جي مدي ۾ واڌ جي تياري ھلي رھي آھي ۽ امڪاني طو رتي مدو 8 سال ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.