گجرات (م ڊ) وزيراعظم نريندر مودي چيو آهي ته پاڪستان کي دهشتگردي جي وبا مان ڇوٽڪارو دلائڻ لاءِ پاڪستاني عوام، خاص طور تي نوجوانن کي اڳتي اچڻو پوندو. گجرات ۾ هڪ سياسي ريلي کي خطاب ڪندي مودي الزام لڳايو ته دهشتگردي پاڪستان جي حڪومت ۽ فوج لاءِ روزي روٽي جو ذريعو بڻجي چڪي آهي.موديءَ پاڪستاني عوام کي مخاطب ٿيندي سوال ڪيو ته توهان ڇا حاصل ڪيو؟ انڊيا دنيا جي چوٿين وڏي معيشت بڻجي ويو آهي، توهان جي حالت ڇا آهي؟ هن چيو ته پاڪستان سمجهيو ته مودي ته گجرات جو آهي، پر انهن کي 1971 ياد نه رهيو، جڏهن اسان انهن کي عبرت جو سبق سيکاريو،هن چيو ته ڀارت پاڪستان جي فوج تي ٻيڻي طاقت سان وار ڪيو. دنيا حيران رهجي وئي، پاڪستان جون سموريون ايئر بيسون اڄ به آءِ سي يو ۾ پيل آهن. آخرڪار پاڪستان کي سِيِزفائر لاءِ مجبور ٿيڻو پيو ۽ ڪجهه ڪلاڪن اندر هنن اڇو جهنڊو کڻي هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا مودي چيو ته اڄ وري چوان ٿو ته امن سان زندگي گذاريو، ماني کائو، نه ته منهنجي گولي ته تيار آهي.