نوجوان قومي سيڙپڪاري ۽ دفاع ۾ پنهنجو حصو وٺن: مراد شاهه

ڪراچي (رپورٽر) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته تازو ڀارت سان تڪرار دوران عوام جي طاقت ۽ ٽيڪنالاجي اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ نوجوانن تي زور ڏنو ته اهي قومي سيڙپڪاري ۽ دفاع ۾ پنهنجو حصو وٺن، اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن (HEC) جي اهتمام هيٺ فيڊريشن آف پاڪستان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (FPCCI) جي سهڪار سان منعقد ٿيل پهريون سنڌ اسٽارٽ اپس نمائش 2025 موقعي تي ڪيو، وڏي وزير ايڇ اي سي سنڌ جي ويزن ۽ اعليٰ تعليم کي مضبوط ڪرڻ لاءِ عزم کي ساراهيو ۽ چيو ته هاڻ روايتي تعليم مان هٽي، حقيقي جدت ۽ تعاون ڏانهن وڌڻ جي ضرورت آهي. هن سڀني وائيس چانسلرن ۽ يونيورسٽين جي اڳواڻن تي زور ڏنو ته اهي هن قدم مان لاڀ پرائين ۽ پنهنجن يونيورسٽين جي تحقيق، جدت ۽ واپارڪاري جي آفيسن (ORICs) کي سرگرم بڻائي، جدت، ڪاروباري ذهنيت، ۽ عملي تحقيق کي هٿي ڏين،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.