ڪراچي(رپورٽر)سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ مالي بي ضابطگين جي خدشي جي سبب سڄي سنڌ جي سڀني يوسيز کي هر مهيني ملندڙ 2 ارب روپين جي بجيٽ جي آڊٽ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ پي اي سيءَ سنڌ جي 1600 يوسيز جي بجيٽ ۽ انهن جي مالي خرچن جي آڊٽ لاءِ آڊيٽر جنرل آف پاڪستان کي خط لکي ڇڏيو آهي. پي اي سيءَ پاران آڊيٽر جنرل آف پاڪستان کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ جي سڀني يوسيز کي ملندڙ هر مهيني 2 ارب روپين جي بجيٽ ڪٿي خرچ ٿي رهي آهي؟ جنهن بابت آڊٽ نه پئي ٿئي. جنهن تي پي اي سيءَ کي خدشا آهن. خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت صوبي جي سڀني يوسيز کي هر مهيني 2 ارب روپيا بجيٽ فراهم ڪري رهي آهي پر فراهم ٿيندڙ بجيٽ ۽ مالي خرچن جي اسڪروٽني نه پئي ٿئي. ڊي جي آڊٽ پاران صرف ڪراچي ڊويزن جي يوسيز جي سال 2018ع کان سال 2019ع جي آڊٽ ڪئي وئي آهي پر سنڌ جي ٻين ضلعن جي يوسيز جي بجيٽ جي آڊٽ نه پئي ٿئي. پي اي سي آڊيٽر جنرل آف پاڪستان کي خط ۾ چيو آهي ته لاڳاپيل ڊي جي آڊٽ کي پابند ڪيو وڃي ته هو سنڌ جي سڀني يوسيز کي هر مهيني ملندڙ بجيٽ ۽ ان بجيٽ مان مالي خرچن جي 3 سالن جي آڊٽ شروع ڪئي وڃي. ٻئي طرف پي اي سيءَ پاران سنڌ جي سرڪاري کاتن کان وڌيڪ 3 ارب 42 ڪروڙ 80 لک روپين جي اوڳاڙي ڪرائي ورتي آهي جنهن کان پوءِ پي اي سي پاران سرڪاري کاتن کان اوڳاڙيل رقم 16 ارب 2 ڪروڙ 24 لک روپين تائين پهچي وئي آهي جيڪا رقم سرڪاري خزاني ۾ پڻ جمع ڪرائي وئي آهي.