شهيد عرفان لغاري تي تشدد جي تصديق،شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ فوت ٿي ويل مورو واقعي جي شهيد عرفان علي لغاري جي شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري ڪئي وئي آھي. جنھن ۾ شھيد جي منهن ۽ پيرن تي تشدد جي تصديق ڪئي وئي آھي، سول اسپتال جي ميڊيڪوليگل آفيسر ڊاڪٽر عبدالحميد مغل جي صحيح سان جاري ٿيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته عرفان علي لغاري کي ڳلي ۾ گولي لڳڻ سبب وات جون ڄاڙيون سڙيل هيون، ھن جي پيرن تي تشدد جا نشان ھئا، ان کانسواءِ نڪ تي ۽ ساڄي پاسي منهن تي به ڌڪ جا نشان ھئا، واضع رھي ته عرفان علي لغاري کي زخمي حالت ۾ سول اسپتال حيدرآباد جي آءِ سي يو وارڊ ۾ داخل ڪرايو ويو ھو. جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿيو هو، بعد ۾ سندس مڙھه قومپرست ڪارڪنن جي سخت احتجاج باوجود پوليس زبردستي کڻائي وئي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.