اسلام آباد(م ڊ) انساني حقن بابت ڪميشن مورو واقعي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي واقعي جي شفاف ۽ اڻڌري جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي، جاري ڪيل بيان ۾ ايڇ آر سي پي چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪئنالن، زمينون ليز تي ڏيڻ ۽ گم ٿيل ماڻهن بابت احتجاج ڪيا ويا، مورو ۾ مارجي ويلن جي پوليس پهري ۾ تدفين ۽ مظاهرين خلاف ڪارروائي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، ايڇ آر سي پي مطالبو ڪيو ته مورو واقعي جي جلد شفاف ۽ اڻڌري جاچ ڪئي وڃي.