مودي پاڪستاني نوجوانن کي فوج خلاف ڀڙڪائڻ لڳو

اسلام آباد(عاصمھ شيرازي) نريندر مودي پاڪستان جو پاڻي بند ڪرڻ جي ٻيھر ڌمڪي ڏيندي اھو بھ چيو آھي تھ اسان ڳالھيون  ڪرڻ گھرون ٿا ٻئي پاسي عمران خان جي ڀيڻ عليمھ خان پاران بھ  ڪجھھ ڏيو ڪجھھ وٺو جي چٽي آفر ڪئي وئي آھي.ٻئي پاسي وزيراعظم ۽ آرمي چيف اسلامي ملڪن جي دوري تي آھن ترڪي ۾ طيب اردگان پاران شاندار استقبال ڪيو ويو. ان دوري دوران فيلڊ مارشل جي موجودگي ان ڳالھھ جي عڪاسي آھي تھ رياست ۽ حڪومت ھڪ صفحي تي آھن.جڏهن ته ايران ۾ ويھي وزيراعظم ڀارت سان ھڪ ڀيرو ٻيھر ڳالھين جي آڇ ڪئي ۽ واپار تي بھ ڳالھين جي آڇ ڪئي آھي.سو پاڪستان پنھنجي پاڙيسري ملڪن سان ويجھڙائي لاءِ اڳڀرائي ڪري رھيوآھي.افغانستان ۾ بھ پاڪستان دشمنن خلاف ڪاررواين جي شروعات ٿي وئي آھي، ٻئي پاسي مودي پاڪستاني نوجوانن کي چيو آھي تھ اھي فوج خلاف اٿي کڙا ٿين، پر مودي کي شايد خبرناھي تھ ھن وقت پاڪستان جو عوام فوج سان پوري ريت گڏ بيٺل آھي.مودي ان سان گڏ ڌمڪي بھ ڏني آھي تھ توھان ائين نھ ڪيو تھ مون وٽ گولي بھ آھي.پاڪستان اندر بلڪل اندروني مسئلا آھن ڪڏھن فالٽ لائنز سنڌ مان اڀرن ٿيون ڪڏھن بلوچستان مان. انھن چيلينجن جو منھن ڏسڻو پوي ٿو تھ ظاھر آھي تھ ان ۾ ڪٿي نھ ڪٿي سپورٽ تھ آھي.پاڪستان ان کي بھ ڏسي  وٺندو.سو مودي جيڪو نوجوانن کي ھاڻي ٽارگيٽ ڪري رھيوآھي ان کي بلڪل بھ اسان کي نظر انداز نھ ڪرڻ گھرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.