نوشھرو فيروز( عتيق الرحمان وسطڙو)مورو ڀرسان ڳوٺ بجاراڻي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جو مرڪزي وفد شھيد عرفان لغاري جي تڏي ٿي پھتا ڊاڪٽر قادر مگسي پاران علانيل 28 مئي تي شھيد جو لاش جي قبرڪشائي ڪرڻ لاءِ سندن وارثن سان ملاقات ڪئي شھيد جي وارثن پاران ڊاڪٽر قادر مگسي جي اعلان جي آجيان وڪيل برادري جي ڪاميٽي سان مشاورت ڪرڻ بعد سڀاڻي تائين جواب ڏيڻ جو اعلان ان موقعي تي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن حيدر شاھاڻي گلزار سومرو نثار ڪيريو ڊاڪٽر احمد نوناري قادر چانڊيو اصغر ڀرٽ ۽ ٻين چيو تـ پارٽي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي حڪم تي شھيد عرفان لغاري جي وارثن سان ملاقات ڪئي آھي شھيد جي وارثن ڀاء روشن لغاري علي خان لغاري وڪيلن جي ڪاميٽي سان مشاورت بعد جواب ڏيڻ جو چيو ھنن چيو تـ سنڌ حڪومت ايترو ظلم ڪري جو سڀاڻي پاڻ برداشت بـ ڪري سگھي ھنن چيو تـ شھيد جا وارث جيڪو بـ فيصلو ڪندا اسان سندن سان گڏ آھيون ھنن چيو تـ چيو تـ فوري طور شھيدن جي وارثن جي فرياد تي قتل ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيل شھيدن جا ساٿي نوجوان فوري طور آزاد ڪيا وڃن نـ تـ ٻي صورت ۾ ترقي پسند جا ورڪر پوري سنڌ جام ڪري ڇڏيندا