پشاور(م ڊ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) جي چيئرمين ميجر جنرل (ر) حفيظ الرحمٰن، عوامي نيشنل پارٽي جي صدر ايمل ولي خان سان قائمہ ڪميٽي ۾ ٿيل تلخ ڪلامي تي معافي وٺڻ لاءِ باچا خان مرڪز پهچي ويا، چيئرمين پي ٽي اي جرڳي سميت باچا خان مرڪز آيو، جتي اي اين پي سربراهه ايمل ولي خان سندن آجيان ڪئي، ان موقعي تي ايمل ولي خان چيو سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته چيئرمين صاحب پاڻ هتي آيا، سڀ ڳالهيون ختم ٿي ويون، ۽ مان تحريڪ استحقاق واپس وٺي ڇڏيندس، اي اين پي صدر وڌيڪ چيوباچا خان مرڪز پشتونن جو گهر آهي، هتي اچڻ تي اوهان کي ڀليڪار چئون ٿا. اهو سڀ ڪجهه هڪ حادثو هو، پشتون قوم ته سر جي دشمن کي به معاف ڪري ڇڏي ٿي، واضح رهي ته اڳ چيئرمين پي ٽي اي، سينيٽر ايمل ولي خان تي قائمہ ڪميٽي دوران چرس جو سگريٽ پيئڻ جو الزام لڳايو هو، جنهن تي ٻنهي وچ ۾ شديد جهيڙو ٿيو هو.