بلاول عوامي مينڊيٽ سان ايندڙ نوجوان وزيراعظم بڻجندو: صدر زرداري

لاهور(م ڊ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري عوامي مينڊيٽ سان پاڪستان جو ايندڙ نوجوان وزيراعظم هوندو.  لاهور جي گورنر هائوس ۾ صدر آصف زرداري سان گورنر پنجاب سردار سليم حيدر جي اڳواڻي ۾ پيپلز پارٽي اٽڪ جي تنظيم ۽ ٽڪيٽ هولڊرن ملاقات ڪئي۔ ان موقعي تي صدر آصف علي زرداري چيو ته "پاڪستان آهي ته سڀ سياسي جماعتون آهن”، پاڪستان ۽ ڀارت جي تڪرار جي وقت سڀني سياسي جماعتن پنهنجي فوجن سان گڏ بيهي ڏيکاريو، جنهن سبب ڀارت کي پوئتي هٽڻو پيو. صدر آصف علي زرداري چيو ته پيپلز پارٽي هميشه ملڪ ۽ جمهوريت جي خاطري قربانيون ڏنيون آهن، پيپلز پارٽي پنجاب ۾ هاڻ سرگرم ۽ فعال ٿي چڪي آهي، بلاول ڀٽو زرداري عوامي مينڊيٽ سان ملڪ جو ايندڙ نوجوان وزيراعظم هوندو. هن چيو ته پيپلز پارٽي مزدورن، محنت ڪش طبقي، سرڪاري ملازمن ۽ دٻايل ماڻهن جي پارٽي آهي. ان موقعي تي اٽڪ جي تنظيم صدر آصف علي زرداري کي اٽڪ جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.