ڪراچي (رپورٽر )وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان مواصلات واري وفاقي وزير عليم خان، سيڪريٽري علي شير محسود، اين ايڇ اي چيئرمين صاحبزاده شھريار ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن تي ٻڌل وفد ملاقات ڪئي، جنهن دوران ايم-6 حيدرآباد-سکر موٽروي، نئين قومي شاهراهن، ڄامشورو-سيوهڻ روڊ، لياري ايڪسپريس وي ۽ ٻين اهم رستن بابت تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون، ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته ڪراچي کان پشاور ۽ لاهور تائين موٽروِي جو تسلسل لازمي آهي، جيستائين ڪراچي پورٽ ملڪ جي ٻين علائقن سان نه ڳنڍجي، منصوبو اڻپورو رهندو، مراد علي شاهه شڪايت ڪئي ته ايم-6 جو منصوبو وزيراعظم جي هدايت تي منظور ٿيو، پر اڃا تائين ڪم شروع نه ٿيو آهي، وفاقي وزير عليم خان ٻڌايو ته منصوبو پنج سيڪشنز ۾ ورهايو ويو آهي، جن مان ٽن سيڪشنن جي فنڊنگ مڪمل ٿي چڪي آهي، ايم-6 جي تعمير وفاقي حڪومت ۽ بينڪن جي فنڊنگ سان ڪئي پئي وڃي، مراد علي شاهه چيو ته جيڪڏهن ايم-6 تي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ڪم ۾ دير ٿيندي ته سنڌ حڪومت برج فنانسنگ ذريعي 40 کان 50 ارب روپيا فراهم ڪري سگهي ٿي، وڏي وزير آگاهي ڏني ته ڄامشورو-سيوهڻ روڊ جو 66 ڪلوميٽر مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ خاڻوٺ-مانجهند روڊ تي 24 ڪلوميٽر تي تيزيءَ سان ڪم هلي رهيو آهي، وفاقي وزير خاطري ڪرائي ته باقي ڪم جلد مڪمل ڪيو ويندو، نيشنل هاءِ اٿارٽي موجب، لياري ايڪسپريس وي ٿرڊ پارٽي آڊٽ ۾ هيوي ٽريفڪ لاءِ غير موزون قرار ڏنو ويو آهي، ان باوجود پيڪ آورز ۾ هيوي ٽريفڪ جي اجازت تي غور ڪري سگهون ٿا، وڏي وزير تجويز ڏني ته سهراب ڳوٺ تي سروس روڊ ٺاهيو وڃي ته جيئن مقامي ۽ بندرگاهه جي ٽريفڪ الڳ ٿي سگهي، اجلاس ۾ ايم-10 نئين ڪراچي-حيدرآباد موٽروِي تي به ڳالهيون ڪيون ويون، جيڪو آءِ سي آءِ پل، ڪي پي ٽي، گلبائي ۽ حب چوڪي کان سڌو سنئون حيدرآباد تائين ويندو، اجلاس ۾ منصوبي جي مڪمل پلاننگ تي اتفاق ڪيو ويو.