صدر زرداري تي اڳوڻي دور ۾ رياستي ادارن جو وڏو دٻاءُ هو: فرحت الله بابر

ڪراچي (رپورٽر) صدر آصف علي زرداري جي اڳوڻي صدارتي ترجمان ۽ پ پ مرڪزي اڳواڻ فرحت الله بابر چيو آهي ته صدر آصف علي زرداري مٿان سندس اڳوڻي صدارتي دور ۾ صدارتي هائوس مٿان مختلف رياستي ادارن ۽ انهن جي سربراهن جو ايترو ته دٻاءُ هو، جيڪي خودڪش حملن جي برابر هئا پر آصف علي زرداري جوان مردي سان انهن کي منهن ڏنو، صدر زرداري اڳوڻي فوجي سربراهه ۽ صدر پرويز مشرف خلاف جيڪا چارج شيٽ ٺاهي هئي، ان کي اڄ ڏينهن تائين پڌرو ڪرڻ نه ڏنو ويو آهي ۽ اسامه بن لادن مٿان حملو ان علائقي ۾ ٿيو هو جتي رياستي  ادارن جو ڪنٽرول آهي ۽ سڀ کان وڏو سوال اهو آهي ته اسامه بن لادن کي پاڪستان جي ويزا ڪنهن ڏني هئي، هن اها ڳالهه ڪالهه شام جو ڪراچي پريس ڪلب ۾ پنهنجي لکيل ڪتاب ” زرداري هائوس“ جي هڪ تعريفي تقريب ۾ ڳالهائيندي ڪئي، هن چيو ته هن اهو ڪتاب صدر آصف علي زرداري جي شخصيت يا هن جي حمايت يا مخالفت ۾ موجود نعرن جي پسمنظر ۾ نه پر آصف علي زرداري جي اڳوڻي صدارتي دور ۾ هن جي ترجمان جي حيشيت ۾ رونما ٿيل واقعن تي مشتمل آهي، جن کي ڊائري ۾ لکندي ڪتابي شڪل ڏني آهي، هن چيو ته جڏهن زرداري مٿان خودڪش حملي جهڙا دٻاءَ وڌا ويندا هئا  مختلف رياستي ادارن جو مسلسل دٻاءُ هلندو هجي ان وقت  ته هن مٿان  ڇا گذريو هو ۽ ڪيئن نوازشريف کي ميمو گيٽ اسڪينڊل نقصان ڏنو هو، اهو سڀ ڪجهه هن ڪتاب ۾ موجود آهي، فرحت الله بابر چيو ته هن ڪتاب ۾ اهو به شامل آهي ته چيف جسٽس (ر) چوڌري افتخار سان آصف علي زرداري جي طويل جنگ ڪيئن شروع ٿي ۽ جنهن ڪري زرداري اهو به چيو ته رياست اندر رياست نامنظور ۽ چوڌري افتخار وڏي گهوڙي کان ڪيئن هيٺ لهي آيو ۽ کيس راتو رات  ڇو  بحال ڪيو ويو هو، جيڪڏهن چوڌري افتخار ۽ زرداري جي وچ ۾ جنگ نه ٿي ها ته هن وقت ڪورٽن جي صورتحال اها نه ٿي ها، هن چيو ته جڏهن ايبٽ آباد ۾ اسامه بن لادن جو واقعو پيش آيو، ان وقت رياستي ادارا ڇا ڪري رهيا هئا ۽ صدارتي هائوس ۾ ڇا ٿي رهيو هو، هو انهن جو اکين ڏٺو شاهد آهي، ريونڊ ڊيونڊ واقعي ڪري آمريڪي سفير تمام گهڻو دٻاءَ هيٺ هو، ميمو گيٽ اسڪينڊل نواز شريف ۽ ملڪ کي نقصان پهچايو، نواز شريف هميشه صدر آصف علي زرداري کي اهو چوندو هو ته پرويز مشرف کي ڇڏڻو ناهي ۽ آصف علي زرداري جيڪا مشرف خلاف چارج شيٽ تيار ڪئي هئي جنهن ڪري پرويز مشرف استيعفا ڏني هئي، هن چيو ته صدر آصف علي زرادري جي اڳوڻي دور ۾ اهو چيو ويندو هو زرداري هن هفتي يا مهينو بعد ملڪ جو صدر نه رهندو پر هن پنهنجا پورا 5 سال پورا ڪيا، هو نه شيطان آهي نه فرشتو آهي پر سندس دور صدارتي هائوس خلاف واقعن سان ڀريل آهي، جن کي هن ڊائري ۾ لکي ڇڏيو هو، جيڪو هاڻي ڪتاب جي شڪل ۾ اچي ويو آهي. ان موقعي تي ڪتاب جي پبلشر امينه سيد ۽ ۽ ڪراچي پريس ڪلب جو صدر فاضل جميلي به موجود هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.