پاڪستان ھڪ اھڙو ملڪ آھي جيڪو عرصي کان عالمي ادارن کان ورتل قرضن تي ڀاڙي ٿو، ٻين ملڪن ۽ عالمي ادارن کان قرض حاصل ڪرڻ سبب اھي ادارا ۽ ملڪ سندن مفادن کي آڏو رکي ڪري، اسان جي ملڪ جي معاشي پاليسين تي اثر انداز ٿي رھيا آھن.ھن سال جي بجيٽ جي تياري لاءِ بھ عالمي مالياتي فنڊ جو دٻاءَ وڌي رھيو آھي، جيتوڻيڪ ملڪ جون اختياريون اھڙي تاثر کي رد ڪري رھيون آھن، پر عالمي ادارن آڏو گوڏا کوڙيل حڪومت انھن جي حڪم آڏو بيوس نظر اچي رھي آھي.
تازو پاڪ – ھند تڪرار ۾ پاڪستان کي ڪاميابي ملڻ بعد اھو تاثر ڏنو پيو وڃي تھ دفاع جي شعبي جي بجيٽ وڌائي ويندي.جڏھن تھ ھر ڀري جيان ھن ڀيري پڻ ٽيڪس نيٽ ۾ ڪيترن ئي شعبن کي شامل ڪرڻ جو وعدو ڪرڻ جو وقت اچي ويو آھي. اھا ٻي ڳالھھ آھي تھ اڳ ۾ ئي جن شعبن يا پاسن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻُ جو وعدو ڪيو ويو ھو ان تي عمل نھ ٿي سگھيو آھي.پاڪستان ھلندڙ مالي سال لاءِ پنهنجا ٽيڪس هدف حاصل نه ڪري سگهيو آهي. ھن وقت تائين گذريل ڏهن مهينن جو خسارو اٽڪل 830 ارب رپيا آھي. اپريل ۾ بھ اٽڪل 118 ارب رپين جو خسارو آهي، جنهن تي آءِ ايم ايف کي خدشا آهن. ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ ٽيڪس هدفن اٽڪل 1500 ارب رپين کان وڌي سگھي ٿو. ايف بي آر چيئرمين اڳ ۾ ئي اشارو ڏئي چڪو آهي ته بجيٽ ۾ رليف ملڻ جا امڪان گهٽ آهن.
بجيٽ ۾ ان حوالي سان مناسب حڪمت عملي پيش ڪرڻ جي ضرورت آهي. دڪاندارن ۽ واپارين کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ جي ڪيترن سالن کان دعويٰ ڪئي پئي وڃي. پر ڪا ڪاميابي نظر نٿي اچي. هلندڙ مالي سال جي ڏهن مهينن ۾ ڪاروباري برادري پگهاردار طبقي جي ڀيٽ ۾ تقريبن 1,420 سيڪڙو گهٽ ٽيڪس ادا ڪيو آهي. گذريل ڏهن مهينن ۾، پگهاردار طبقي تقريبن390 ارب رپيا ٽيڪس ادا ڪيا. جڏهن ته ڪاروباري برادري صرف 26 ارب رپيا ادا ڪيا.اھڙي صورتحال سان ايندڙ بجيٽ جو ھڪ ھلڪو خاڪو جڙي رھيو آھي، جنھن ۾ عام ماڻھو کي ڪٿي بھ رليف ملندي نظر نھ پيو اچي.اھو درست آھي تھ ڪنھن حد تائين ملڪ جي معيشت بھتري طرف سفر شروع ڪيو ھو، پر ھاڻوڪي پاڪ ھند ڇڪتاڻ سان وري دفاع واري پاسي ڏانھن بجيٽ وڌائڻ جو اشارو ڏنو پيو وڃي.
پاڪستان ۾ ھن وقت عام ماڻھو جي مالي صورتحال ڪنھن بھ ريت بھتر نھ آھي، مھانگائي اڳي کان اڳري آھي، واپارين جي ھٿ وٺي ڪيل مھانگائي تي حڪومت جو ڪنٽرول نھ آھي، گيس،بجلي سميت ٻيا سروسز مھيا ڪندڙ ادارا ٻنھي ھٿن سان ماڻھن کي ڦري رھيا آھن.جنھن ڪري حڪومت ۽ عوام جي وچ ۾ وڇوٽي پيدا ٿي وئي آھي.گذارش آھي تھ عام ماڻھو کي رليف نھ ملندو تھ اھو ويتر معاشي دٻاءَ جو شڪار ٿي ويندو،جنھن جو مجموعي نقصان سماج کي رسڻو آھي، ان ڪري عوام جي ضرورتن، مسئلن ۽ حقن کي ترجيح ڏني وڃي. جئين بھتري طرف سفر شروع ڪري سگھجي.
-
پنھنجن ٻارڙن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا لازمي پياريو
سنڌ حڪومت پاران ھڪ ڀيرو ٻيھر اڄ کان پوليو خلاف مھم شروع ٿي رھي آھي.جنھن ۾ ٻارن کي معذوري کان بچڻ جي لاءِ پوليو کي روڪڻ واري ويڪسين پياري ويندي.وقت بھ وقت اھا مھم ھلندي رھي ٿي.اھو ھڪ بھترين عمل آھي.جنھن ۾ سماج جي سمورن ماڻھن کي حصو وٺڻ ۽ پنھنجي مستقبل کي محفوظ ڪرڻ گھرجي.يا رھي تھ دنيا جي ٻن ملڪن ۾ پاڪستان بھ شامل آھي،جيڪي تاحال پوليو کان آجا نھ ٿيا آھن.
سنڌ ۾ سرڪار پاران اڄ کان صوبي ۾ پنجن ڏينهن جي پوليو خلاف مهم شروع ٿر آهي، جنهن تحت هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويندا.هفتي کن اندر خيبرپختونخواهه جي لڪي مروت ۽ بنون ضلعن ۾ پوليو جا ٻه نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آھن، جنهن کان پوءِ هن سال پوليو ڪيسن جو انگ 10 ٿي ويو آھي.
ھاڻوڪي شروع ٿيل مهم جو مقصد سنڌ جي سمورن 30 ضلعن ۾ 5 سالن کان گهٽ عمر وارن ھڪ ڪروڙ 6 لک اضافي ٻارن کي ويڪسين لڳائڻ آهي.اعلان موجب مهم 26 مئي کان 1 جون 2025 تائين جاري رهندي، ۽ جنھن ۾ 80 ھزار کان وڌيڪ تربيت حاصل ڪيل پوليو ورڪرز حصو وٺندا.مھم دوران 25 ھزار 539 قانون لاڳو ڪندڙ اھلڪارن جي مدد ورتي ويندي. ان دوران گهر گهر وڃي ان ڳالھھ کي يقيني بڻايو ويندو ته ڪو به ٻار پوليو مھم ۾ ڦڙن پيارڻ کان رھجي نھ وڃي.ان مھم دوران 6 کان 59 مهينن جي عمر وارن ٻارن کي پڻ وٽامن اي سپليمينٽس ڏنا ويندا. ته جيئن انهن جي بيمارين سان وڙھڻ واري قوت کي وڌائي سگهجي.
هي مهم فيبروري ۽ اپريل ۾ ٻن گذريل پوليو مخالف مهمن کان علاوه آهي. تازي پوليو خلاف مهم ڪجهه ماحولياتي نمونن ۾ وائرس جي موجودگي ۽ هن سال سنڌ ۾ رپورٽ ٿيل 4 پوليو ڪيسن کان پوءِ صوبي جي ٻارن کي هن بيماري کان بچائڻ لاءِ سرڪار پڪو پھھ ڪيو آھي.ايمرجنسي آپريشن سينٽر سنڌ جي ترجمان موجب هر هنڌ جي ٻارن لاءِ پوليو جو خطرو آهي ۽ هي مهم هر ٻار تائين پهچڻ ۽ پاڪستان کي پوليو جي خاتمي جي ويجهو آڻڻ جي عزم کي ظاهر ڪري ٿي.پوليو ٽيمون 1,292 يونين ڪائونسلن ۾ سرگرم هونديون، جن کي ضلعي انتظاميا ۽ صحت جي سار سنڀار جي ادارن جي مدد حاصل هوندي. اهي ٽيمون خاندانن کي انهن جي درن تي پوليو جا ڦڙا فراهم ڪنديون.
پاڪستان دنيا جي صرف ٻن پوليو متاثر ملڪن مان هڪ آهي، جتي 2024 ۾ 74 ڪيس رپورٽ ٿيا.
سياسي سماجي حلقن پاران پوليو خلاف مھم جي آجيان ڪئي ويندي آھي، پر ان سان گڏ ڪي سوال بھ ھر وقت اٿندا رھن ٿا تھ لڳ ڀڳ ٽن ڏھاڪن کان جاري ان مھم باوجود بھ پاڪستان پوليو کان محفوظ ڇو نھ بڻجي سگھيو آھي ؟
يقينن ان جا ڪي معقول سبب ھوندا پر خطرناڪ بيمارين بابت ھلندڙ مھم کي تڪراري بڻائڻ بجاءِ ان ۾ ڪوشش ڪري سماج جي ھر فرد کي اھي ڦڙا پياريا وڃن جن سان انھن جا گلن جھڙا ٻارڙا محفوظ مستقبل ۾ داخل ٿي سگھن.