ناليواري اداڪارا ماهرا خان چيو آهي ته هاڻ مان همايون سعيد کي ائين ناهيان ڏسندي، جيئن ٽي سال اڳ ڏسندي هيس.
اهڙو انڪشاف هن همايون سعيد سان گڏ ايندڙ پنهنجي فلم ”لَو گرو“ جي پروموشن جي موقعي تي هڪ سوال جو جواب ڏيندي ڪيو.
کانئس سوال ڪيو ويو ته همايون سعيد سان توهان جي دوستي ڪهڙي قسم جي آهي؟ جنهن تي اداڪارا چيو ته مان همايون سعيد جي سڀ کان سٺي دوست ناهيان.
هن وڌيڪ چيو ته ڪڏهن ڪڏهن همايون سعيد شايد وساري ويهندو آهي ۽ سمجهندو آهي ته مان هاڻ به کيس ائين ئي ڏسندي آهيان، جيئن ڪجهه سال اڳ ڏسندي هيس.
ماهرا خان چيو ته اسان جي وچ ۾ گهري ته نه پر معمول جي دوستي ضرور آهي، جيڪا گڏ ڪم ڪندڙ ٻن ماڻهن ۾ ٿي سگهي ٿي، جيڪڏهن ڪنهن کي لڳي ٿو ته اسان جي دوستي گهڻي گهري آهي ته ائين ناهي.
Next Post
You might also like