مورو سانحو: جمهوري حڪومت جا آمراڻا عمل

تحرير: سيد يوسف شاهه

تازو موروي ۾ پر امن احتجاج تي پوليس جي سڌي فائرنگ جي نتيجي ۾ نوجوان زاھد لغاري موقعي تي شھيد ٿي ويو ھو ۽ ٻيون نوجوان عرفان لغاري چئن ڏينھن تائين موت سان وڙھندي نيٺ زندگيءَ جي جنگ ھارائي ويو. اھڙو اطلاع ملڻ شرط ھزارن جي تعداد ۾ مختلف ضلعن جي پوليس، سادن ڪپڙن نقاب ۽ ماسڪ پاتل ھٿياربند ماڻھن سان گڏ ھلندڙ پوسٽ مارٽم دوران مرده  خاني جا دروازا ڀڃي اندر داخل ٿي ۽ شھيد جي مڙهه کي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو. مزاحمت ڪندڙ ڪارڪنن ۽ وڪيلن تي بي انتھا تشدد ڪندي، فتاح چنا، سورھيه سنڌي، محب آزاد، راهول چولياڻي، شيراز مير، لالا ارسلان، ببلو سومري، علي خان، عادل لغاري ۽ ايڊوڪيٽ ڪشش خواجا سميت 20 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو. شھيد جي مڙهه جو پوسٽ مارٽم به نه ٿيڻ ڏنائون

موري واسين سان ٿيندڙ ھيڏي وڏي ھاڃي تي حڪمرانن پاران رسمي طور رڳو افسوس جا ٻه اکر ڳالھائڻ بدران صوبائي وزير سعيد غنيءَ ضياءَ لنجار جي گهر سڙڻ خلاف سنڌ اسيمبليءَ ۾ ٺھراءُ آڻي وزير جي گهر تي حملي کي دھشتگردي سڏيندي چيوته ”احتجاج دوران جيڪڏھن ڪو فوت ٿيو آھي ته ان جا ذميوار احتجاج ڪندڙ آھن.!“ ڇا پوليس وارا ھٿين خالي پر امن سنڌي نوجوانن تي گولين جا وسڪارا ڪرڻ جا اختيار به حاصل ڪري ورتا آھن ۽ ٿاڻيدار جي روپ ۾ سوين مسڪين پورھيتن تي دھشتگرديءَ جا ڪوڙا ڪيس ٺاھڻ جا اختيار به رکن ٿا ته جج بنجي فيصلا به پاڻ ئي ڪن ٿا ۽ اسان جا ڪونڌر پٽ ڪھي انھن جا قاتل به اسان کي ئي سڏين ٿا، جيڪا ظلم جي انتها آهي.

ڇا اھوئي اوھان جو مذھبي، جمھوري ۽ مھذب سماج آھي؟ جنھن ۾ ھڪ شھيد جي مڙهه کي پوليس ھٿان اغوا ڪرائي لاش جي بيحرمتي ڪئي ٿي وڃي، وارثن کي شھيد جون آخري رسمون ادا ڪرڻ کان به محروم رکيو ٿو وڃي ۽ شھيد جي سمورن وارثن کي گرفتار ڪري گم ڪيو ٿو وڃي، ايتري تائين جو شھيد جي يارھن سالن جي معصوم ڀاءُ فرمان لغاريءَ کي به گم ڪيو ٿو وڃي، اوھان واري ”مھذب سماج“ ۾ شھيد زاھد لغاري جي لاش مٿان بڪتر بند گاڏين ۽ سوين پوليس گاڏين سان چڙھائي ڪري، ڳوڙھا آڻيندڙ گئس جا شيل اڇلائي شھيد جي مڙهه جي بيحرمتي ڪري، دھشت جو ماحول پيدا ڪيو ٿو وڃي. ڇا اھا انسانيت ۽ اھو مھذب سماج آھي؟ جنھن ۾ موري ۾ شھيدن جي ڳوٺ بجراڻي لغاريءَ جي چوڌاري سوين پوليس گاڏيون بيھاري ڳوٺ کي مڪمل ڪڙو چاڙھي بربريت ۽ دھشت جو مظاھرو ڪيو ويو، ڳوٺاڻن جو راشن ۽ دوائون اڻ لڀ ٿي وڃن ۽ ننڊڙا ٻار ۽ بزرگ علاج سانگي به ڳوٺ کان ٻاھر نڪري اسپتالن تائين نه پھچي سگهن.؟ جنھن ۾ پوليس ھٿان زخمي ٿيل دلبر لغاريءَ جي ڄنگهه ۾ لڳل گولي ڪڍڻ کان تائين نواب شاهه اسپتال جي ڊاڪٽرن کي روڪيو ويو، جنھن جي نتيجي ۾ انفيڪشن ذريعي ڄنگهه ۾ زھر ڦلجهڻ کان پوءِ کيس ڪراچيءَ منتقل ڪيو ويو.

جيڪڏھن اھڙو ئي اوھان جو ”مھذب“ سماج آھي، ته پوءِ اھڙي سماج کي ڪنھن به صورت ۾مھذب نٿو چئي سگهجي، ھيءُ اھڙو ڊيڄاريندڙ۽ خوفائتو سماج ۽ اھڙي حڪومت آھي، جيڪا پنھنجن ئي معصوم شھرين کي بنا ڪنھن ڏوهه جي ملڪ جي عدالتن ۾ پيش ڪرڻ بدران، گم ڪريو ٿي ڇڏي، ھيءَ اھڙي حڪومت آھي جيڪا فقط پنھنجو جمھوري حق استعمال ڪرڻ تي به پنھنجن ئي ووٽرن جا جسم گولين سان پروڻ ڪريو ٿي ڇڏي، ھيءَ اھڙي حڪومت آھي، ھن حڪومتي دور ۾ اسان سان ايئن ڪيو پيو وڃي جيئن ڪشميرين ۽ فلسطينين سان ٿي رھيو آھي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.