ھر سال سنڌ حڪومت جون جي مھيني ۾ بجيٽ پيش ڪندي آھي ۽ ايندڙ مالي سال لاءِ ڪھڙيون ترقياتي اسڪيمون رکيون وينديون تنھن جو اعلان ان بجيٽ ۾ ڪندي آھي. عوام کي گھرجي ته پنھنجن شھرن ۽ ڳوٺن جا جيڪي به مسئلا آھن يا انھن بابت جيڪي به اسڪيمون کين گھربل آھن سي جيڪڏھن درخواست جي صورت ۾ جمع نه ٿا ڪرائين ته گھٽ ۾ گھٽ فيس بڪ تي مطالبن جي صورت ۾ ضرور رکڻ گھرجن ته ھن سال سنڌ حڪومت کي ڪھڙا ترقياتي ڪم ڪرڻ گھرجن. جن ترقياتي اسڪيمن سان سنڌ جو عوام متفق ھجي تن کي سڀئي شيئر ڪن جيئن سندن آواز اقتدار ڌرين تائين پھچي سگھي. وفاقي سطع تي ھيٺيان ڪم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي.
- سکر کان حيدرآباد موٽر وي تي فوري طور ڪم شروع ڪرايو وڃي
- ڄامشورو کان سيوھڻ روڊ جيڪو پنجن سالن ۾ مڪمل ناھي ٿيو سو ھن سال مڪمل ڪرايو وڃي
سنڌ حڪومت کي ترقياتي اسڪيمن جون تجويزون
- ميھڙ کان راڌڻ ۽ راڌڻ کان بگي ٻنڊي وارو روڊ سالن کان ڀڳل ٽٽل آھي جيڪو نيشنل ھاء وي روڊ جي معيار جو ٺاھيو وڃي
۲. باڊھ شھر جو بائي پاس فوري طور تي تعمير ڪرايو وڃي
۳. ڪراچي ايسٽ جو پھلوان ڳوٺ روڊ پنجن سالن ۾ ٻه ڀيرا ٺاھيو ويو آھي پر سال به نہ ٿو ھلي ان لاءِ ھاڻي پيور روڊ ٺاھيو وڃي.
۴. سنڌ جي ڳوٺن ۾ ڪيترائي ڪميونٽي اسڪول ھلن پيا جن کي سرڪار پنھنجي سپرويزن ۾ وٺي باقاعدي اسڪول ھلائڻ شروع ڪري
۵. گلستان جوھر بلاڪ اٺ جي روفي ميري لينڊ سوسائٽي پنجن سالن کان پاڻيءَ کان محروم آھي تنھن کي پاڻي ڏنو وڃي