تازو جڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وچ اوڀر جي دوري تي پهتو، ته هو پاڻ سان گڏ آمريڪي ٽيڪ ڪمپنين جي، سي اي اوز کي به وٺي آيو. انهن ۾ ايلون مسڪ، اوپن اي آءِ، جو سيم آلٽمين، نويڊيا جو جينسن هوانگ، پيلنٽير جو، ايليڪس ڪارپ ۽ ٻيا اهم نالا شامل هئا. انهن سي اي اوز کي سعودي عرب، گڏيل عرب امارات ۽ قطر جي حڪمرانن سان ملڻ ۽ معاهدن ڪرڻ جو موقعو مليو. انهيءَ جي ڪري اھو سڀ ٿيو جيڪو ٽرمپ کي سڀ کان وڌيڪ پسند آھي، يعني آمريڪي ڪمپنين لاءِ اربين ڊالرن جي ٽيڪ ڊيلز جو اعلان ٿيو.ان سڀ جي پويان پئسو هڪ وڏو سبب هو. آمريڪا سرمائيداري تي هلي ٿو، جنهن کي جاري رکڻ لاءِ ان کي پئسن جي ضرورت آهي. پر اهو مصنوعي ذهانت ۾ چين سان مقابلي ڪرڻ ۾ آمريڪا جي لاءِ هڪ زبردست قدم پڻ هو.
ابو ظهبي ۽ آمريڪي ڪمپني اوپن اي آءِ جي وچ ۾ ٿيل معاهدو ان ڳالھھ کي واضح ڪري ٿو.ٻنهي ابوظهبي ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي، اي آءِ مرڪزن مان هڪ جي تعمير تي اتفاق ڪيو، جنهن لاءِ انفراسٽرڪچر ۽ منصوبن تي 500 ارب ڊالرز خرچ ڪيا ويندا. هي مرڪز تقريباً 25 چورس ڪلوميٽر وڏو هوندو ۽ ان کي پنجن ايٽمي بجلي گهرن جيتري بجلي گھربل ھوندي.ابوظهبي ان مقام تي ڪيئن پهتو؟ ان جي ڪهاڻي دلچسپ آهي، خاص طور تي ان لحاظ سان تھ جڏهن عالمي سياست ۽ مصنوعي ذهانت تي آمريڪا ۽ چين وچ ۾ مقابلي بابت سوچيو وڃي.
گڏيل عرب امارات جو پروجيڪيٽ ابو ظهبي ۾ قائم هڪ وڏي ٽيڪ ڪمپني، جي 42 ، جي مدد سان تعمير ڪيو پيو وڃي ۽ اهو سڄي دنيا ۾ اھڙي طرح جي ٽيڪ مرڪزن ٺاھڻ جي لاءِ اوپن اي آءِ، جي ’اسٽار گيٽ‘ منصوبي جو حصو آهي.پر اڃان ڪجھه عرصو اڳ تائين آمريڪا کي اوپن اي آءِ، جي جديد ٽيڪنالوجي جي، G42 سان گڏ ڪم ڪرڻ بابت تحفظات هئا. 2023 ۾، G42 جي اڳواڻي هڪ چيني ڄائي ايگزيڪيوٽو ڪئي. ان سال جڏهن گڏيل عرب امارات جي هڪ عهديدار وائيٽ هائوس جو دورو ڪيو، ته آمريڪي ڳجهي اداري سي آءِ اي، ان جو ذڪر ڪيو. هنن اھا بھ نشاندھي ڪئي ته G42 جا چيني انٽيليجنس ايجنسين سان رابطا هئا.پر سڀ ڪجهه تڏهن بدلجي ويو جڏهن G42 جي نئين سي اي او چيو ته ڪمپني چين سان پنهنجا لاڳاپا وڏي حد تائين ختم ڪري ڇڏيا آهن. چين جي منظر تان غائب ٿيڻ ۽ نار اڳواڻن جي، پنهنجي مقصدن لاءِ مصنوعي ذهانت کي استعمال ڪرڻ جي خواهش اوپن مصنوعي ذهانت لاءِ رستو هموار ڪيو. اهو ئي سبب هو جو جڏهن ڊونلڊ ٽرمپ گذريل هفتي ابوظهبي پهتو، ته هو ۽ اوپن اي آءِ، هڪ وڏي اسٽريٽجڪ فتح جي اڳواڻي ڪري رهيا هئا.گڏيل عرب امارات جو چين کان پري ٿيڻ آمريڪا جي خدشن کي گهٽائڻ لاءِ ڪافي هو ته اي آءِ ٽيڪنالاجي ليڪس ممڪن طور تي چين تائين پهچي سگهي ٿي. ان سان هڪ تمام وڏي ڊيٽا سينٽر جي شروعات جو اعلان ٿيو.
تنهنڪري گڏيل عرب امارات (سعودي ۽ قطري پنهنجا معاهدا ڪيا آهن) خطي ۾ سڀ کان وڏو AI ڊيٽا مرڪز بڻجڻ وارو آهي. اهو اماراتي حڪمرانن جي پيشه ورانه ۽ سماجي ماحول ۾ مصنوعي ذهانت جي استعمال لاءِ اميدن کي به ظاهر ڪري ٿو.گڏيل عرب امارات وڏي تعداد ۾ پرڏيهي ورڪرز کي ملازمت ڏيڻ لاءِ ڄاتو ويندو آهي. اهي ورڪرز تعميراتي ۽ ٻين گهٽ مهارت وارين نوڪرين کان وٺي انجنيئرنگ ۽ ٽيڪ جهڙين اعليٰ مهارت وارين نوڪرين تائين آهن. پر جيئن ملڪ مصنوعي ذهانت ۾ ترقي ڪندو تھ ٿي سگھي ٿو تھ مستقبل ۾ پرڏيهي مزدورن تي ان جو انحصار گهٽجي وڃي.
مصنوعي ذهانت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته مستقبل ۾ مصنوعي ذهانت جي ڪري ڪيتريون ئي نوڪريون ختم ٿي سگهن ٿيون. ان ۾ گهٽ مهارت واريون نوڪريون شامل آهن جهڙوڪ ڪيشيئر، ڊيٽا انٽري ورڪر، ٽرڪ ڊرائيور ۽ ڊليوري ڪندڙ وغيره. پر سافٽ ويئر انجنيئر ۽ ڊولپرز جهڙيون اعليٰ مهارت وارين نوڪريون پڻ AI جي ڪري خطري ۾ آهن ڇاڪاڻ ته ڪمپيوٽرز ڪوڊ کي تيز ۽ وڌيڪ درست طريقي سان لکي سگهن ٿا.ايتري تائين جو ريڊيالوجي ۽ پيٿالوجي جهڙن مخصوص شعبن ۾ ڊاڪٽر به پنهنجون نوڪريون وڃائي سگهن ٿا، ڇاڪاڻ ته مصنوعي ذهانت طبي ڊيٽا جو مطالعو ڪري سگهي ٿي ۽ انسانن کان وڌيڪ مريضن جي درست تشخيص ڪري سگهي ٿي.
پاڪستان کي نار ملڪن ۾ مصنوعي ذهانت جي استعمال جي وڌندڙ رجحان تي ڳڻتي هجڻ گهرجي. پاڪستان پنهنجا گهٽ مهارت وارا ۽ اعليٰ مهارت وارا ورڪرز نار ۽ سعودي عرب جهڙن ملڪن ڏانهن موڪلي ٿو ۽ اهي ورڪرز جيڪا رقم گهر موڪلين ٿا اھا ملڪي معيشت لاءِ نھايت اهم آهي. پاڪستان ۾ خاندان پنهنجن ٻارن جي مستقبل، تعليم ۽ شاگرد جيڪي مضمون پڙهڻ لاءِ چونڊيندا آهن، انهن پهلوئن کي نظر ۾ رکندي رٿابندي ڪئي ويندي آھي. جيتوڻيڪ پاڪستان وٽ اڃا تائين گهڻي مصنوعي ذهانت واري ٽيڪنالوجي ناهي، پر اهي ملڪ جتي گهڻا پاڪستاني ڪم ڪن ٿا، اھي تيزي سان ان کي اختيار ڪري رهيا آهن.
هڪ ڊگهي وقت تائين سعودي عرب ۽ ٻين نار ملڪن ٻاھرين ملڪ جي ورڪرز کي هڪ اھڙي مسئلي جي طور تي ڏٺو آهي. جنهن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هاڻي انهن هڪ اھڙو حل ڳولي ورتو آهي جيڪو انهن لاءِ ڪارآمد آھي.ننڍي کنڊ جا اھي سمورا چھرا جيڪي دبئي ۽ رياض جي دورن ۾ نظر اچن ٿا.جيڪڏهن اتي جي حڪمرانن جي خواھش موجب وچ اوڀر، جو نوان اي آءِ مستقبل بڻجي وڃن ٿا ته انهن جون نوڪريون انهن ملڪن ۾ خطري ۾ پئجي وينديون.
انهن ملڪن جا حڪمران هڪ اهڙي مستقبل جو تصور ڪن ٿا جتي اي آءِ غيرملڪي ليبرز جي جاءِ وٺي ۽ انهن جا پنهنجا شهري انهن ڪمن کي سنڀالين. وڏو سوال اهو آهي ته، جيڪڏهن مستقبل ۾ انهن ملڪن ۾ افرادي قوت جي طلب گهٽجي وڃي ٿي ته پاڪستان جهڙا ملڪ، پنھنجي ماڻھن جي لاءِ ڇا ڪندا. جيڪي وڏي تعداد ۾ ملازمن جي برآمدات ڪن ٿا ؟