اين آءِ سي ايڇ ۾ سھولتن جي اڻ ھوند خلاف ڊاڪٽرن جو احتجاج

ڪراچي(رپورٽر) اين آءِ سي ايڇ ۾ ينگ ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن پاران اسپتال ۾ سھولتن جي اڻھوند خلاف احتجاج ڪري او پي ڊيزجو مڪمل بائيڪاٽ ڪيو ويو، ڊاڪٽرن پاران اسپتال ۾ داخل ٿيندڙ ٻارڙن جو بهتر علاج نه ٿيڻ، ڊاڪٽرن جي کوٽ ۽ ڊاڪٽرن خلاف تشدد وارن واقعن خلاف احتجاج ڪندي سخت نعريبازي ڪئي وئي، ڊاڪٽرن جي بائيڪاٽ سبب سرجيڪل وارڊ، آءِ سي يو بند ٿي ويو، ٻارن کي برنس وارڊ منتقل ڪيو، ايمرجنسي سرجريون به متاثر ٿي ويون، انھي موقعي تي ڊاڪٽر اڳواڻ سليم خان ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو ته اين آءِ سي ايڇ ۾ سهولتن جي کوٽ آهي، هيٽ اسٽروڪ ۾ به ڪولنگ سسٽم ناڪاره آهي، ڊاڪٽرن جي سخت کوٽ آھي، حڪومت جي منظوري باوجود به ڊاڪٽر مقرر نه ڪيا ويا آهن، ريڊيولوجي ڊپارٽمينٽ مڪمل طور مفلوج بڻيل آھي، مشينون خراب پيل آهن، مريضن جا وارث مهانگيون دوائون ٻاهران وٺڻ تي والدين مجبور آهن.

، ھنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن اسپتال ۾ سڌارا نه آندا ويا ته اڻڄاتل مدي تائين  ڌرڻو ۽ مڪمل بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.