ڪراچي(رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران واٽر ڪارپوريشن جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر احمد علي صديقي جي مقرري وارو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو، چيف ايگزيڪيٽو واٽر ڪارپوريشن جي چيئرمين جي حيثيت سان اسد الله خان جي مقرري به معطل ڪري ڇڏي، عدالت ۾واٽر ڪارپوريشن جي چيف ايگزيڪيٽو جي مقرري کي داخل چئلنج واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، درخواستگذار جي وڪيل خواجا شمس الاسلام چيو ته واٽر بورڊ جي قانون موجب ڪو به رٽائرڊ شخص چيف ايگزيڪيٽو واٽر ڪارپوريشن مقرر نٿو ڪري سگهجي، اسد الله خان 3 سال پهريون رٽائرڊ ٿي چڪو آهي، سنڌ حڪومت سياسي بنيادن تي رٽائرڊ آفيسر کي واٽر ڪارپوريشن ۾ مقرر ڪري ڇڏيو، عدالت ۾ درخواست داخل ڪرڻ بعد اسد الله خان جي جڳهه تي احمد علي صديقي کي چيف ايگزيڪيٽو واٽر ڪارپوريشن مقرر ڪري ڇڏيو، قانون موجب احمد علي صديقي به چيف ايگزيڪٽو واٽر ڪارپوريشن لاءِ اهل ناهي،عدالت اسد الله خان جي 24 مارچ 2025 تي مقرري وارو نوٽيس به معطل ڪندي ڌرين کان 29 مئي تي جواب طلب ڪري ورتو.