سر سيد ميڊيڪل ڪاليج جي ڪينٽين جي ڇت ڪِري پئي، 3 شاگردياڻيون زخمي

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ڊفينس ۾ قائم نجي ميڊيڪل يونيورسٽي سر سيد ڪاليج آف ميڊيڪل سائنسز فار گرلز جي ڪينٽين جي ڇت ڌماڪي سان ڪري پئي، جنهن سبب 3 شاگردياڻيون زخمي ٿي پيون، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ڇت ڪرڻ وارو واقعو رسيس وقت شاگردن پاران ريفريشمينٽ ڪرڻ وقت پيش آيو، نجي ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ 800 کان وڌيڪ شاگردياڻيون پڙھن ٿيون، شاگردياڻين کان 20 لک روپيا ساليانو فيس طور اوڳاڙيا وڃن ٿا، واضح رھي ته ڪجھه وقت به ھن يونيورسٽي جي ڪلاس روم جي ڇت ڪلاس شروع ٿيڻ کان اڳ ڪري پئي ھئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.