ڪنڌڪوٽ(رپورٽ :ممتازسنڌي) ڪنڌڪوٽ شھر ۽ ڀرپاسي واري علائقن ۾ چوٽ چڙھيل بدامني ڌاڙيلن پاران ڀتي جون چٺيون موڪلڻ ۽ ڀتي لاءِ فون ڪالون ڪرڻ ۽ ڀتو نه ڏيڻ جي صورت ۾ سندن دڪانن ۽ گھرن مٿان فائرنگ ڪرڻ واري عمل خلاف جماعت اسلامي جي سڏ تي ضلعي امير غلام مصطفيٰ ميراڻي آل پارٽيز موومينٽ جي اڳواڻن ڊاڪٽر ميھر چند، دلمراد ڏاھاڻي، طارق خان باجڪاڻي، شعبان جکراڻي، عبدالعزيز سومرو جي اڳواڻي ۾ گھنٽا گھر چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي بدامني خلاف سخت نعريبازي ڪندا رھيا جڏھن ته احتجاجي ريلي جي اڳواڻي ڪندڙن اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آهي ته ڪنڌڪوٽ واسي چوٽ چڙھيل بدامني جي پيڙھا ۾ پيڙهجي رھيا آهن واپاري دڪاندار ۽ عام شھري بدامني سبب عذاب واري زندگي گذاري رھيا آهن هنن چيو ته ڌاڙيلن جي ٽولن خلاف پوليس آپريشن ڪري شھر مان پکيڙيل بدامني ۽ ڀتا ڪلچر واري سسٽم کي ختم ڪرايو وڃي ائين نه ڪيو ويو ته احتجاجي دائرو وڌايو ويندو