دادلغاري ويجهو ٻن جوابدارن پاران نينگر سان بدفعلي

دادلغاري (رپورٽ:رانجهن لغاري) داد لغاري ويجھو ڳوٺ الھڏنو مھر ھنڱورو ۾ 14 سالا نينگر سان برادري جي ٻن اوباشن نواب مھر ۽ اقبال مھر بدفعلي ڪري بيھوشي واري حالت ۾ ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا،  نينگر جي دانهن تي ڳوٺاڻن پهچي رسن سان هٿ پير  ٻڌل ۽ بي هوشيواري حالت ۾ پيل نينگر کي علاج لاءِ رحيم يار خان اسپتال منتقل ڪيو، جڏهن ته داد لغاري پوليس نينگر جي والد صديق مهر جي فرياد تي اوباش نوجوانن نواب مهر ۽ سندس ساٿي اقبال مهر تي بدفعلي جو ڪيس داخل ڪري مک جوابدار اقبال مهر سميت ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ان دوران بدفعلي جو شڪار ٿيل نينگر جي والد صديق مهر جو چوڻ هو ته سندس پٽ مال چاريندو آهي جتي جوابدارن اقبال مهر ۽ نواب مهر وارن کيس اڪيلو ڏسي رسن سان هٿ پير ٻڌي ساڻس بدفعلي ڪري بيهوشي واري حالت ۾ ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا، هن مطالبو ڪيو ته انصاف ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.