بلڙي شاهه ڪريم ۾ بيٽري چوري جي الزام هيٺ نوجوان تي تشدد،وڊيو وائرل

بلڙي شاھ ڪريم(رپورٽ:الطاف حسين رند)  بلڙي شاھ ڪريم جي نوجوان عبدالغفار تي بئٽري چوريءَ جو الزام لڳايو ويو، جنهن بعد کيس ڪجهه بااثر ماڻهن وچ شهر مان کنڀي پنهنجي بنگلي تي مبينا طور يرغمال بڻائي سخت تشدد جو نشانو بڻايو. بعد ۾ نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ بلڙي شاھ ڪريم پوليس حوالي ڪيو ويو.ايس ايڇ او بلڙي شاھ ڪريم مطابق، عبدالغفار کي تشدد کان پوءِ مرڻينگ حالت ۾ ٿاڻي تي آندو ويو جتان کيس اسپتال منتقل ڪرڻ لاءِ ليٽر جاري ڪيو، ۽ کيس حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ علاج لاءِ داخل ڪيو ويو. پوليس پاران عبدالغفار تي تشدد ڪندڙ بااثر شخص، فياض مڱسي، خلاف ابتدائي رپورٽ داخل ڪئي وئي آهي.ايس ايڇ او وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن نوجوان واقعي چوري ڪئي هجي ها ته قانوني طريقي سان پوليس وٽ رپورٽ داخل ڪرائي وڃي ها، پر بااثر ماڻهن قانون کي هٿ ۾ وٺي نوجوان مٿان تشدد ڪيو، جيڪو غير قانوني عمل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.