ڪنڊيارو(ن ع آ) ڪنڊيارو ڀرسان ڪچي جي علائقي بکري پوليس حد جي ڳوٺ شمن ڪلھوڙو ۾ گھر ۾ ستل 42 سالن جي گلاب ڪلھوڙو پٽ محمد بخش ڪلھوڙو مٿان نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري کيس ٿڏي تي مبينا طور قتل ڪري ڇڏيو،اهڙو اطلاع ملندي حد جي بکري پوليس پهچي مقتول جو لاّش ڪمالديرو اسپتال پهچايو جتان پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، اسپتال ۾ مقتول جي وارثن جو چوڻ هو ته مقتول جي ڪنهن سان به دشمني نه هو،قاتلن جي جاچ ڪري انصاف ڪيو وڃي،.
واقعي جو اڃان تائين ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.