دادلغاري/ميرپورماٿيلو (نمائندن وٽان) داد لغاري ويجھو ڳوٺ ڳوڌو گبول ۾ٻارن جي معمولي ڳالهھ تي جوابدار صادق گبول بندوق جا سڌا فائر ڪري نوجوان انجنئير گبول کي شديد زخمي ڪري ڇڏيو هيو جنهن کي وارث علاج لاءِ اسپتال کڻي ويا جتي سندس علاج هلندڙ هو،جتي نوجوان انجنئير گبول زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو، وارثن سندس لاش کڻي داد لغاري ٿاڻي تي آندو، جتان دادلغاري پوليس پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال ميرپور ماٿيلو منتقل ڪيو،نوجوان انجنئير گبول جي فوت ٿيڻ کانپوءِ ڌريون هڪ ٻئي خلاف مورچا بند ٿي ويون آهن،آخري اطلاع تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.