جماعت اسلامي پاران بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف مظاهرا

 ڪراچي/حيدرآباد/سکر (پ ر+نمائندا)  جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ جي اپيل تي سنڌ ۾ بدامني، ڌاڙيل راڄ ۽ اغوا انڊسٽري خلاف رٿيل احتجاجي مظاهرن جي سلسلي ۾ ڪراچي کان ڪشمور تائين ڀرپور احتجاج ڪيو ويو. لاڙڪاڻي ۾ جلسه عام کي صوبائي امير ڪاشف سيعد شيخ خطاب ڪندي چيو ته هن وقت سنڌ صوبو بدترين بي امني جي وَرچڙهيل آهي، خاص طور تي سکر ڊويزن ۾ ڌاڙيل راڄ آهي جنهن کي پ پ حڪومت جي مڪمل سرپرستي حاصل آهي، ٻئي پاسي حڪومت مخالف ڌُر خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ۽ پوليس گردي ذريعي ڪئنالن توڙي ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف جاري احتجاج کي ڪچلڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي حيدرآباد پاران لطيف آباد ۾ مظاهري کي صوبائي نائب امير حافظ نصرالله چنا خطاب ڪندي چيو ته 78سالن کان ملڪ تي حڪمراني ڪندڙ اشرافيه قوم کي بُک، بدحالي، بي امني ۽ بيروزگاري کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي ڏنو جڏهن ته حڪمرانن جا پنهنجا ذاتي اثاثا ڏينهنون ڏينهن وڌي رهيا آهن، ڌاڙيل راڄ جو خاتمو ۽ قانون جي رٽ بحال ڪرڻ هڪ خواب بڻجي چڪو آهي، ڪنڌڪوٽ ۾ صوبائي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري امداد الله بجاراڻي، ضلعي امير غلام مصطفى ميراڻي، شهري اتحاد جي اڳواڻ ڊاڪٽر مهر چند ۽ اسدالله چنا جي قيادت ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جنهن کي خطاب ڪندي امداد الله بجاراڻي چيو ته جيڪب آباد مان اغوا ٿيل فضيلاسرڪي ۽ سکر مان پريا ڪماري کي ڪيترائي سال ٿي ويا آهن، پر حڪومت اڄ تائين کين بازياب ناهي ڪري سگهي هوڏانهن دادو ۾ محمد موسى ٻٻر، فريد آباد ۾ امتياز چانڊيو، بدين ۾ قائم مقام امير ضلع مولانا غلام رسول احمداڻي، مولانا عبدالڪريم بليدي، فتح خان کوسو، ٽنڊوالهيار ۾ آصف ياسين، ديدار حسين بهراڻي،عاشق حسين خانزاده، رائو جاويد علي،عاشق حسين خانزاده، ديدار بهراڻي، ٺٽي ۾ عبدالمجيد سمون ايڊوڪيٽ جي قيادت ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.