شهيد نصرالله گڏاڻي جي اڄ پهرين ورسي، ڳوٺ قبول خان گڏاڻي ۾ تقريب

ڪراچي(رپورٽر) عوامي آواز  ميڊيا گروپ جي رپورٽر شهيد نصرالله گڏاڻي جي پهرين ورسي اڄ 24 مئي 2025 تي ميرپورماٿيلو جي ڳوٺ قبول خان گڏاڻي ۾ ملهائي پئي وڃي، تقريب ۾ قلم ڌڻي، سياسي سماجي اڳواڻ شرڪت ڪري شهيد جي بهادري تي ڀيٽا پيش ڪندا، نصرالله گڏاڻي 21 مئي 2024ع تي صبح جو تقريبن 11 وڳي ڌاري جڏهن پنهنجي ڳوٺ قبول خان گڏاڻي کان موٽرسائيڪل تي سوار ٿي ميرپورماٿيلو وڃي رهيو هو ته کيس گولين جو کاڄ بڻائي زخمي ڪيو ويو، کيس سول اسپتال ميرپورماٿيلو پهچايو ويو، جتان کيس نازڪ حالت ۾ رحيم يار خان جي اسپتال پهچايو ويو، جنھن بعد کيس آغا خان اسپتال ڪراچي ۾ داخل ڪيو ويو پر زندگيءَ ساڻس ساٿ نه نڀايو ۽ نصرالله علاجدوران 24 مئي 2024ع تي سنڌ ۽ سنڌ واسين کان موڪلاڻي ويو. سندس پهرين ورسي جي موقعي تي سندس ڳوٺ ۾ تقريب ڪوٺائي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي، ساڃاهه وندن جو چوڻ آهي ته نصرالله گڏاڻي نه صرف هڪ صحافي هو، پر هو سماج سڌارڪ انسان به هو. هو وڻن ۽ جانورن جي حقن لاءِ به آواز اٿاريندو رهندو هو. هو سنڌ جو عاشق هيو، سندس تقريرن ۽ لکڻين ۾ سنڌ ۽ سنڌ جي مظلوم ماڻهن جو درد سمايل هيو. هو موت جو خوف ڪرڻ بجاءِ ظالمن کي للڪاريندو رهيو، سندس موٽر سائيڪل جي پٺيان لکيل جملو ”ڀوتار ماءِ فٽ“ سڄي سنڌ جي ماڻهن جو جملو بڻجي ويو،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.