عمران خلاف فوجي عدالتن ۾ ڪيس هلڻ جو امڪان وڌي ويو؟

لاهور (عمران شفقت) پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ نئين موڙ تي داخل ٿي وئي آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر ۽ وفاقي گهرو وزير جي گڏيل پريس ڪانفرنس مان واضح پيغام مليو آهي ته ڀارتي پراڪسيز کي هاڻي نه ڇڏيو ويندو. عالمي برادري کي ثبوت ڏنا ويا آهن ته بلوچستان ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي پويان ڀارت آهي، ۽ رياست هاڻي سخت قدم کڻڻ لاءِ تيار آهي.بي ايل اي ۽ ٽي ٽي پي سميت سندن سهولتڪارن خلاف گرينڊ آپريشن جهڙيون، انٽيليجنس بنيادن تي ڪارروايون تيز ڪيون وينديون. رياست کي نشانو بڻائيندڙن خلاف بنا رعايت ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. ان دوران بئريسٽر سيف، عمران خان سان ملاقات ڪئي، جنهن ذريعي سخت پيغام ڏنو ويو ته 9 مئي جي واقعن تي معافي کانسواءِ واپسي جو ڪو رستو ناهي. عمران خان خلاف ڪيسن جي فوجي عدالت ڏانهن منتقلي جو امڪان به وڌي رهيو آهي.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، ڇنڇر24 مئي 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.